|
| 1 |
|
| آءٌ دل وَ جان سان تو خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو. اي خداوند منهنجا خدا! تون بيحد عظيم آهين، عظمت ۽ حشمت تو کي لباس جيان پهريل آهن. |
|
| 2 |
|
| تو نور کي پنهنجي مٿان پوشاڪ وانگر پهريو آهي. تو آسمان کي ڇپر وانگر پکيڙي ڇڏيو آهي. |
|
| 3 |
|
| تو پنهنجي ماڙين کي آسمان تي تعمير ڪيو آهي. تون ڪڪرن کي پنهنجي سواري بڻائين ٿو، ۽ واءُ جي بازن تي پرواز ڪرين ٿو. |
|
| 4 |
|
| هوائن کي تون پنهنجو پيغام پهچائيندڙ ٿو بڻائين، ۽ وڄ جي تجلن کي پنهنجو خادم ٿو بڻائين. |
|
| 5 |
|
| تو ڌرتيءَ کي سندس بنيادن تي قائم ڪيو آهي، تانتہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ اچي. |
|
| 6 |
|
| تو انهيءَ کي پوشاڪ وانگر سمنڊ سان ڍڪي ڇڏيو آهي، ايتري تائين جو پاڻي جبلن کان بہ مٿي بيٺو هو. |
|
| 7 |
|
| پر پوءِ جڏهن تو ان کي ڇينڀيو تہ اهو ڀڄي ويو. هائو، تنهنجي گجگوڙ ٻڌڻ سان پاڻي جلدي لهي ويو. |
|
| 8 |
|
| جبل ظاهر ٿي بيٺا ۽ پاڻي وادين منجھان وهي ويو، پوءِ اهو انهيءَ جاءِ تائين ويو، جيڪا تو هن واسطي مقرر ڪئي هئي. |
|
| 9 |
|
| تو پاڻيءَ لاءِ حد مقرر ڪئي آهي جيئن ان کان اڳتي نہ وڌي، تانتہ اهو ڌرتيءَ کي وري ڍڪي نہ ڇڏي. |
|
| 10 |
|
| تون ئي جبلن منجھہ چشما جاري ڪرين ٿو، جيڪي وادين مان برساتي نهرون بڻجي نڪرن ٿا. |
|
| 11 |
|
| اهي ئي سڀني جھنگلي جانورن کي پاڻي مهيا ڪن ٿا، جھنگلي گڏهہ بہ تن مان اچي اڃ لاهين ٿا. |
|
| 12 |
|
| انهن جي ڪنارن جي آسپاس پکي آکيرا ٺاهي ويهن ٿا، هائو، اهي ٽارين ۾ ويهي لاتيون ڪن ٿا. |
|
| 13 |
|
| تون پنهنجي عرش منجھان جبلن تي مينهن وسائين ٿو، تنهنجي قدرت سان زمين جھجھي پيداوار ڏئي ٿي. |
|
| 14 |
|
| تون ڍڳن لاءِ گاهہ اُپائين ٿو ۽ انسانن لاءِ اناج، تانتہ انسان زمين مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪن. |
|
| 15 |
|
| تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي. |
|
| 16 |
|
| لبنان جي ديال وارن وڻن کي جھجھو پاڻي ملي ٿو. اهي وڻ خداوند جا آهن جيڪي هن ئي پوکيا آهن. |
|
| 17 |
|
| انهن وڻن ۾ پکي پنهنجا آکيرا ٺاهين ٿا، جڏهن تہ صنوبر جي وڻن ۾ لقلق پنهنجا گھر جوڙين ٿا. |
|
| 18 |
|
| وڏن وڏن جبلن تي جھنگلي ٻڪريون رهن ٿيون، ۽ ٽڪريون جھنگلي سهن جون جاءِپناهہ آهن. |
|
| 19 |
|
| تو چنڊ بڻايو آهي تانتہ اهو موسمن جو نشان ٿئي. سج بہ پنهنجي لهڻ جي پوري وقت کان واقف آهي. |
|
| 20 |
|
| جڏهن تون اونداهي ٿو ڪرين تڏهن رات ٿي وڃي ٿي، انهيءَ مهل جھنگلي جانور پنهنجي ٿاڪن مان نڪرن ٿا. |
|
| 21 |
|
| جوان شينهن گجگوڙ ڪندي پنهنجي شڪار جي ڳولا ۾ نڪرن ٿا، هائو، خدا جي مقرر ڪيل پنهنجي خوراڪ کي ڳوليندا وتن ٿا. |
|
| 22 |
|
| پوءِ جيئن ئي سج ٿو اڀري تيئن ئي اُهي واپس موٽن ٿا، ۽ پنهنجين غارن ۾ وڃي سمهي رهن ٿا. |
|
| 23 |
|
| صبح ٿيڻ تي وري انسان اُٿي پنهنجي ڪم تي نڪرن ٿا، ۽ اهي سانجھيءَ تائين پنهنجي پورهئي ۾ لڳا رهن ٿا. |
|
| 24 |
|
| اي خداوند! تو پنهنجي ڏاهپ سان جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن، سي ايتريون تہ گھڻيون آهن، جو سڄي ڌرتي تنهنجي مخلوق سان ڀرجي ويئي آهي. |
|
| 25 |
|
| ساڳيءَ طرح هي سمنڊ پڻ ڪيڏو نہ وڏو ۽ ويڪرو آهي! جنهن ۾ ننڍا وڏا بيشمار چرندڙ ڦرندڙ جاندار ملن ٿا. |
|
| 26 |
|
| انهيءَ منجھہ جهاز هلن ٿا، ۽ ازدها بلا بہ منجھس رهي ٿي، جنهن کي تو اتي کيڏڻ ڪُڏڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي. |
|
| 27 |
|
| پوري مخلوق کي تنهنجو ئي آسرو آهي، جو تون سندن ضرورت وقت کين کاڌو ڏئين ٿو. |
|
| 28 |
|
| تون سندن لاءِ جيڪي مقرر ڪرين ٿو، سو هو حاصل ڪن ٿا. هائو، جڏهن تون پنهنجي مُٺ کي کولين ٿو، تڏهن اهي چڱين شين سان ڍءُ ڪن ٿا. |
|
| 29 |
|
| پر جڏهن تون کانئن منهن موڙين ٿو، تڏهن اهي پريشان ٿي وڃن ٿا. جڏهن انهن جو ساهہ ڪڍين ٿو، تڏهن اهي مري وڃي مٽيءَ ۾ ٿا ملن. |
|
| 30 |
|
| جڏهن وري تون پاڻ وٽان ساهہ موڪلين ٿو، تڏهن ڌرتيءَ تي مخلوق پيدا ٿئي ٿي. ائين تون روءِزمين کي نئين سر آباد ڪندو رهين ٿو. |
|
| 31 |
|
| شال خداوند جي عظمت هميشہ هميشہ تائين رهي! شال خداوند پنهنجي انهن خلقيل شين کان خوش ٿئي! |
|
| 32 |
|
| هو جڏهن ڌرتيءَ ڏانهن نهاري ٿو تہ اها ڏڪيو ٿي وڃي. هو جڏهن جبلن کي ڇُهي ٿو تہ انهن مان بہ دونهون ٿو نڪري. |
|
| 33 |
|
| جيستائين آءٌ جيئرو رهندس خداوند جا گيت پيو ڳائيندس. جيستائين آءٌ حيات آهيان پنهنجي خدا جي واکاڻ پيو ڪندس. |
|
| 34 |
|
| شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي. |
|
| 35 |
|
| شل گنهگار ڌرتيءَ تان بلڪل فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار ڌرتيءَ تي باقي نہ رهن! آءٌ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي سڳورو چوان ٿو. |
|
|
|
|