|
| 1 |
|
| خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، سندس نالو وٺي دعا گهرو؛ ۽ قومن ۾ هنجا ڪم پڌرا ڪريو. |
|
| 2 |
|
| هن جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ سندس تعريف ڳايو؛ هن جي سڀني عجيب ڪمن جو ذڪر ڪريو. |
|
| 3 |
|
| هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪريو: خداوند جي طالبن جون دليون خوش ٿين. |
|
| 4 |
|
| خداوند ۽ سندس قدرت جا طالب رهو؛ سدائين سندس ديدار جا طالب رهو. |
|
| 5 |
|
| هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو: سندس معجزن ۽ وات جي فيصلن کي ياد رکو. |
|
| 6 |
|
| اوهين جي هن جي بندي ابراهيم جو نسل، ۽ يعقوب جو اولاد، ۽ سندس چونڊيل آهيو. |
|
| 7 |
|
| اِهو خداوند اسان جو خدا آهي: ۽ سندس فيصلا ساريءَ زمين تي آهن. |
|
| 8 |
|
| هن پنهنجو عهد هميشہ تائين ياد رکيو آهي، يعني اهو قول جو هزار پيڙهين جي لاءِ فرمايو اٿس؛ |
|
| 9 |
|
| جو عهد ابرهام سان ڪيو هئائين، ۽ جو قسم اسحاق سان کنيو هئائين؛ |
|
| 10 |
|
| تنهن کي يعقوب جي لاءِ قانون، ۽ اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو عهد ٺهرايائين: |
|
| 11 |
|
| ۽ چيائين تہ آءٌ توکي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تہ تنهنجي ميراث ٿئي. |
|
| 12 |
|
| انهي وقت اهي شمار ۾ ٿورا هئا؛ بلڪ تمام ٿورا، ۽ انهي ملڪ ۾ مسافر هئا. |
|
| 13 |
|
| اهي هڪڙي قوم مان ٻيءَ ۾، ۽ هڪڙيءَ بادشاهت مان ٻيءَ ۾ پئي گهميا. |
|
| 14 |
|
| هن ڪنهن کي بہ مٿن ظلم ڪرڻ نہ ڏنو؛ بلڪ انهن جي خاطر بادشاهن کي ڇينڀيائين. |
|
| 15 |
|
| ۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيل کي هٿ نہ لائيو، ۽ منهنجي نبين کي نقصان نہ رسايو. |
|
| 16 |
|
| وري هن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار موڪليو؛ ۽ سندن روزيءَ کي ڀڃي ڇڏيائين. |
|
| 17 |
|
| هن انهن کان اڳ ۾ هڪڙو شخص موڪليو، يعني يوسف، جو غلاميءَ ۾ وڪاڻو. |
|
| 18 |
|
| انهن هن جي پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي ڏک ڏنس، ۽ لوهہ جي زنجيرن ۾ قابو ڪيائونس: |
|
| 19 |
|
| جيستائين هن جو سخن پورو نہ ٿيو؛ تيستائين خداوند جو ڪلام کيس آزمائيندو رهيو. |
|
| 20 |
|
| پوءِ بادشاهہ ماڻهو موڪلي هن کي ڇڏايو؛ هائو، قومن جي حاڪم کيس آزاد ڪيو. |
|
| 21 |
|
| هن کيس پنهنجي گهر جو مختيار، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ ملڪيت تي حاڪم مقرر ڪيو: |
|
| 22 |
|
| تہ هن جي سردارن کي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب بند ۾ رکي، ۽ هن جي بزرگن کي دانائي سيکاري. |
|
| 23 |
|
| پوءِ اسرائيل بہ مصر ۾ آيو؛ ۽ يعقوب حام جي ملڪ ۾ مسافر ٿي رهيو. |
|
| 24 |
|
| هن پنهنجيءَ اُمت کي گهڻو وڌايو، ۽ کين سندن دشمن کان وڌيڪ زور وارو ڪيائين. |
|
| 25 |
|
| هن انهن جي دلين کي ڦيرايو جنهن ڪري اهي هن جي اُمت سان دشمني ڪرڻ لڳا، ۽ سندس بندن سان دغابازي ڪرڻ لڳا. |
|
| 26 |
|
| هن پنهنجي بندي موسيٰ ۽ پنهنجي چونڊيل هارون کي موڪليو. |
|
| 27 |
|
| انهن اتي جي ماڻهن ۾، يعني حام جي ملڪ ۾ هن جا نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا. |
|
| 28 |
|
| هن اوندهہ کي موڪليو، ۽ اونداهي ٿي پيئي؛ ۽ انهن هن جي ڪلام جي مخالفت ڪئي. |
|
| 29 |
|
| هن انهن جي پاڻيءَ کي ڦيرائي رت ڪيو، ۽ سندن مڇيون ماري ڇڏيائين. |
|
| 30 |
|
| انهن جو ملڪ ڏيڏرن سان ڀرجي ويو، ۽ اهي بادشاهہ جي ڪوٺين ۾ گهڙي ويا. |
|
| 31 |
|
| هن فرمايو، ۽ انهن جي سڀني سرحدن ۾ مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ جُوئون اچي پيون. |
|
| 32 |
|
| هن انهن تي مينهن جي بدران ڳڙا وسايا، ۽ سندن زمين مان باهہ جا ڀڙڪا نڪتا. |
|
| 33 |
|
| هن انهن جي ڊاک جا منهہ، ۽ انجيرن جا وڻ برباد ڪيا؛ ۽ سندن سرحدن جا وڻ ڀڃي ڇڏيائين. |
|
| 34 |
|
| هن فرمايو تہ بيشمار مڪڙ ۽ سوٻٽ اچي پيا. |
|
| 35 |
|
| ۽ انهن جي ملڪ جو سڀڪو وڻ ٻوٽو کائي ويا، ۽ سندن زمين جا سڀ ميوا کائي کپائي ڇڏيائون. |
|
| 36 |
|
| هن انهن جي ملڪ جي پهريتن کي، يعني سندن طاقت جي پهرئين ڦل کي ماري وڌو. |
|
| 37 |
|
| هو اسرائيلين کي چاندي ۽ سون سوڌو ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ انهن جي قبيلن ۾ هڪڙو بہ ڪمزور ماڻهو ڪونہ هو. |
|
| 38 |
|
| جڏهن اهي هليا ويا تڏهن مصر جا ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا؛ ڇو تہ انهن جي ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا هئا. |
|
| 39 |
|
| هن ڇانوَ ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ هڪڙو ڪڪر موڪليو؛ ۽ رات جو سوجهري لاءِ باهہ موڪيائين. |
|
| 40 |
|
| انهن کاڌو گهريو تہ ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين. |
|
| 41 |
|
| هن ٽڪر کي چيريو ۽ پاڻي وهي آيو؛ ۽ سڪيءَ زمين ۾ نديءَ وانگي وهڻ لڳو. |
|
| 42 |
|
| ڇالاءِ تہ جيڪو پاڪ قول پنهنجي بندي ابرهام سان ڪيو هئائين، تنهن کي ياد ڪيائين. |
|
| 43 |
|
| هو پنهنجي اُمت کي خوشي ڪندي، ۽ پنهنجي چونڊيلن کي گيت ڳائيندي، ٻاهر ڪڍي آيو. |
|
| 44 |
|
| هن انهن کي قومن جا ملڪ ڏنا؛ ۽ هنن قومن جي ڪمائيءَ تي قبضو ڪيو. |
|
| 45 |
|
| تہ اُهي هن جي قانون کي مڃين، ۽ سندس شريعت تي عمل ڪن. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. |
|
|
|
|