|
| 1 |
|
| ”اسين خداوند جو شڪر ڪريون ٿا، ڇوجو هو ڀلو آهي ۽ سندس رحم هميشہ تائين قائم آهي.“ |
|
| 2 |
|
| اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي سي ائين چوندا رهو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان کي اوهان جي دشمنن هٿان ڇڏايو آهي. |
|
| 3 |
|
| هائو، هن اوهان کي اوڀر توڙي اولهہ مان، اتر توڙي ڏکڻ مان، يعني سڀني ملڪن مان ڪڍي اوهان جي وطن ۾ آڻي گڏ ڪيو آهي. |
|
| 4 |
|
| اوهان مان ڪي ويران بيابان ۾ پئي رُليا، جتان کين رهڻ لاءِ ڪنهن شهر جو رستو بہ ڪونہ پئي مليو. |
|
| 5 |
|
| اُهي بيحد بکايل ۽ اڃايل هئا، ۽ سندن جان بلڪل ماندي ٿي پيئي هئي. |
|
| 6 |
|
| تڏهن پنهنجيءَ مصيبت ۾ هنن خداوند کي پڪاريو، سو خداوند انهن کي سندن تڪليفن کان ڇڏايو. |
|
| 7 |
|
| هو انهن کي سڌيءَ راهہ سان وٺي آيو، ۽ آڻي کين شهر ۾ پهچايائين. |
|
| 8 |
|
| سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو. |
|
| 9 |
|
| بيشڪ جيڪي اُڃايل آهن تن کي هو ڍءُ ٿو ڪرائي، ۽ جيڪي بکايل آهن تن جو چڱين شين سان پيٽ ٿو ڀري. |
|
| 10 |
|
| اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي، تن مان ڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا هئا. اهي لوهہ جي ٻيڙين ۾ ٻڌل هئا ۽ مصيبت ۾ ٿي گذاريائون. |
|
| 11 |
|
| انهيءَ سبب جو هنن خدا جي حڪمن خلاف سرڪشي ڪئي هئي، ۽ خدا تعاليٰ جي هدايتن کي حقير ڄاتو هئائون. |
|
| 12 |
|
| تنهنڪري هن کين سخت پورهئي سان عاجز ڪيو هو، ايتري قدر جو اُهي ڪري پيا ۽ ڪوبہ سندن مددگار نہ هو. |
|
| 13 |
|
| تڏهن هنن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، سو خداوند انهن کي سندن تڪليفن کان ڇڏايو. |
|
| 14 |
|
| هو کين اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي مان ڪڍي آيو، ۽ سندن قيد جي بندن کي ڀڃي ڇڏيائين. |
|
| 15 |
|
| سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو. |
|
| 16 |
|
| بيشڪ هو پتل جا مضبوط دروازا بہ ٽوڙي ڇڏي ٿو، ۽ لوهہ جي سيخن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو. |
|
| 17 |
|
| اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي، تن مان ڪي بيوقوف پنهنجن گناهن جي ڪري بيمار ٿيا هئا، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڏکن ۾ پيا هئا. |
|
| 18 |
|
| سندن دل کي ڪنهن بہ قسم جو کاڌو ڪين ٿي وڻيو، بلڪ بيماريءَ ڪري اهي موت جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتا هئا. |
|
| 19 |
|
| تڏهن هنن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، سو خداوند انهن کي سندن تڪليفن کان ڇڏايو. |
|
| 20 |
|
| هن پنهنجي حڪم سان کين شفا بخشي هئي، ۽ کين برباديءَ کان بچايو هئائين. |
|
| 21 |
|
| سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو. |
|
| 22 |
|
| اوهين خداوند آڏو شڪرگذاريءَ واريون قربانيون پڻ پيش ڪريو، ۽ گيت ڳائيندي سندس ڪمن جو بيان ڪريو. |
|
| 23 |
|
| اوهان مان ڪي ٻيڙن ۾ چڙهي سمنڊ اندر هليا ويا، تانتہ وڏن سمنڊن تي پنهنجو واپار ڪندا رهن. |
|
| 24 |
|
| هنن پنهنجي اکين سان خداوند جا اُهي عجيب ڪم ڏٺا، جيڪي هن اونهي سمنڊ ۾ ڪيا. |
|
| 25 |
|
| جڏهن هن حڪم ڪيو تڏهن طوفان اچي لڳو، هائو، هن جي حڪم ڪرڻ سان ڇوليون مٿي چڙهي آيون. |
|
| 26 |
|
| تڏهن هو ٻيڙن ۾ آسمان تائين چڙهي وري تري ۾ لهي ٿي ويا، اهڙين پريشانين جي ڪري سندن ساهہ سُڪي ٿي ويو. |
|
| 27 |
|
| پوءِ اُهي نشئي ماڻهوءَ جيان لڏڻ ۽ ٿاٻڙجڻ لڳا، ۽ انهيءَ حالت ۾ سندن هوش هواس گم ٿي ويا. |
|
| 28 |
|
| انهيءَ مصيبت ۾ هنن خداوند کي پڪاريو، جنهن طوفاني هوائن کي روڪي ڇڏيو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي ماٺو ڪري ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح هن کين سندن تڪليفن کان ڇڏايو، |
|
| 29 |
|
|
|
| 30 |
|
| جنهن ڪري هو ڏاڍا خوش ٿيا. پوءِ خداوند کين بندرگاهہ تي آڻي پهچايو، جتي هنن وڃڻ ٿي چاهيو. |
|
| 31 |
|
| سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو. |
|
| 32 |
|
| هيڪل جي گڏجاڻيءَ ۾ اوهين سندس وڏائي بيان ڪريو، هائو، اتي اڳواڻن سان گڏجي سندس حمد ڳائيندا رهو. |
|
| 33 |
|
| جنهن زمين تي رهندڙ بڇڙائي ڪندا ٿا رهن، تنهن سرسبز وَ آباد زمين کي خداوند ڪلر بڻائي ٿو ڇڏي. هو دريائن کي رڻپٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن کي سُڪي زمين بڻائي ٿو ڇڏي. |
|
| 34 |
|
|
|
| 35 |
|
| خداوند ئي بيابانن کي تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سُڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جا چشما بڻائي ڇڏي ٿو. |
|
| 36 |
|
| اُتي هو انهن کي رهائي ٿو جيڪي بکايل آهن. اهي پنهنجي رهڻ جي لاءِ اتي شهر اڏي ٿا ڇڏين. |
|
| 37 |
|
| هو اُتي ٻنيون ٿا پوکين ۽ انگورن جا باغ ٿا لڳائين، اهڙيءَ طرح اهي زمين جو جھجھو فصل حاصل ٿا ڪن. |
|
| 38 |
|
| بيشڪ خداوند انهن ماڻهن کي برڪت ڏئي ٿو، تہ جيئن اُهي وڌي گھڻا ٿي پون، ۽ سندن ڍورن ڍڳن جا ڌڻ بہ گھڻو وڌي وڃن. |
|
| 39 |
|
| جڏهن اُهي ظلم، تڪليف ۽ غم جي ڪري، گھٽجن ۽ پست ٿين ٿا، |
|
| 40 |
|
| تڏهن خدا مٿن ظلم ڪرڻ وارن کي ذليل وَ خوار ڪري ٿو، ۽ کين اهڙي رڻ ۾ رلائي ٿو جتي ڪابہ واهہ ناهي. |
|
| 41 |
|
| پر هو محتاجن کي مصيبت مان ڇڏائي خوشحال بڻائي ٿو، ۽ سندن خاندانن کي ڌڻن وانگر وڌائي ڇڏي ٿو. |
|
| 42 |
|
| سچار اهو ڏسي خوش ٿا ٿين، ۽ سڀني بدڪارن جو وات بند ٿي وڃي ٿو. |
|
| 43 |
|
| جيڪي انسان عقلمند هوندا، سي هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندا، اهڙا ماڻهو خداوند جي دائمي رحمتن تي غور ڪندا. |
|
|
|
|