Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا منهنجي دل قائم آهي، آءٌ گيت ڳائيندس، هائو آءٌ دل سان تعريف جا گيت ڳائيندس. |
| 2 |
| اي منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس. |
| 3 |
| اي خداوند آءٌ ماڻهن ۾ تنهنجو شڪر ڪندس، آءٌ قومن ۾ تنهنجي تعريف ڳائيندس. |
| 4 |
| ڇالاءِ جو تنهنجو رحم آسمانن تائين آهي، ۽ تنهنجي سچائي ڪڪرن تائين پهتي آهي. |
| 5 |
| اي خدا تون آسمانن تي سرفراز ٿيءُ: ۽ ساريءَ زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ٿئي. |
| 6 |
| تون پنهنجي ساڄي هٿ سان بچاءِ ۽ اسان کي جواب ڏي، تہ تنهنجا محبوب ڇٽي پون. |
| 7 |
| خدا پنهنجيءَ پاڪيزگيءَ ۾ فرمايو آهي، آءٌ خوشي ڪندس: آءٌ سڪم کي ورهائي ڀاڱا ڪندس ۽ سڪات جي واديءَ کي ماپي ڏيندس. |
| 8 |
| جلعاد منهنجو آهي، منسي بہ منهنجو آهي؛ افرائيم بہ منهنجي مٿي جو بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداهہ منهنجو عصو آهي. |
| 9 |
| موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي؛ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: فلستين تي آءٌ للڪاريندس. |
| 10 |
| ڪير مون کي انهيءَ ڪوٽ واري شهر ۾ وٺي ويندو؟ ڪير مون کي ادوم تائين وٺي ويو آهي؟ |
| 11 |
| اي خدا تو اسان کي ڪڍي نہ ڇڏيو آهي ڇا؛ اي خدا تون اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين. |
| 12 |
| دشمن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر: ڇو تہ انسان جي مدد اجائي آهي. |
| 13 |
| خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمن کي پائمال ڪندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/108.mp3
150
108