|
| 1 |
|
| اي منهنجي تعريف جا خدا، تون ماٺ نہ ڪر. |
|
| 2 |
|
| ڇالاءِ جو بڇڙن ۽ دغابازن منهنجي برخلاف وات پٽيو آهي: انهن مون سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. |
|
| 3 |
|
| اهي عداوت جي ڳالهين سان مون کي ويڙهي ويا آهن، ۽ بي سبب مون سان وڙهيا آهن. |
|
| 4 |
|
| اُهي منهنجي پيار جي عيوض مون سان دشمني ٿا ڪن، پر آءٌ دعا ۾ مشغول ٿو رهان. |
|
| 5 |
|
| انهن ڀلائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي، ۽ پيار جي عيوض نفرت ڪئي اٿن. |
|
| 6 |
|
| تون ڪنهن بڇڙي ماڻهوءَ کي انهي جي مٿان مقرر ڪر: ۽ ڀلي تہ ڪو دشمن سندس ساڄي هٿ بيٺو رهي. |
|
| 7 |
|
| جڏهن انهي جي عدالت ٿئي تڏهن ڏوهاري ٺهرايو وڃي؛ ۽ سندس دعا گناهہ ليکجڻ ۾ اچي. |
|
| 8 |
|
| شل انهي جي عمر گهٽ ٿئي؛ ۽ سندس عهدو ڪو ٻيو کسي وٺي. |
|
| 9 |
|
| ڀلي تہ انهي جا ٻار يتيم ٿين، ۽ سندس زال بيوهہ ٿئي. |
|
| 10 |
|
| شل انهي جا ٻچا رُلندا پنندا وتن، ۽ پنهنجي اُجاڙ هنڌ کان پري وڃي مانيءَ ٽڪر لاءِ ڌڪا کائين. |
|
| 11 |
|
| شل انهي جو قرض خواہ سندس سمورو مال ڦري وٺي؛ ۽ ڌاريا ماڻهو سندس ڪمائي لٽين. |
|
| 12 |
|
| شل انهي تي ڪو بہ رحم نہ ڪري؛ نڪي سندس يتيم ٻارن تي ڪنهن کي ڪهل اچي. |
|
| 13 |
|
| شل انهيءَ جو نسل تباهہ ٿي وڃي؛ ۽ سندس نالو ٻيءَ پيڙهيءَ ۾ ميٽجي وڃي. |
|
| 14 |
|
| شل انهي جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري خداوند کي ياد هجي، ۽ سندس ماءُ جو گناهہ ميسارجي نہ وڃي. |
|
| 15 |
|
| شل اهي سدائين خداوند جي نظر ۾ هجن، تہ هو زمين تان سندن نالو ئي مٽائي ڇڏي. |
|
| 16 |
|
| انهي لاءِ جو هن رحم ڪرڻ جي يادگيري نہ رکي، پر غريبن ۽ محتاجن ۽ دل شڪستن کي ستايائين، تہ کين قتل ڪري. |
|
| 17 |
|
| هائو، هو ٻئي کي لعنت ڪرڻ ۾ خوش هو، سو مٿس لعنت آئي؛ ۽ ٻئي کي برڪت ڏيڻ ۾ خوش ڪونہ هو، سو کيس برڪت ڪانہ ملي. |
|
| 18 |
|
| هن لعنت کي پوشاڪ وانگي پاتو، ۽ اها لعنت هن جي اندر ۾ پاڻيءَ وانگر، ۽ سندس هڏن ۾ تيل وانگيان پئجي ويئي. |
|
| 19 |
|
| ڀلي تہ اها مٿس پوشاڪ وانگي پيئي هجي، ۽ سندس چيلهہ ۾ سدائين سندري وانگيان ٻڌي پيئي هجي. |
|
| 20 |
|
| جيڪي منهنجا دشمن آهن، ۽ منهنجيءَ جان جي برخلاف پيا ڳالهائين، تن کي خداوند وٽان اهو بدلو ٿو ملي. |
|
| 21 |
|
| پر اي خداوند خدا، تون پنهنجي نالي جي ڪري مون تي ٻاجهہ ڪر: مون کي ڇڏاءِ ڇو جو تنهنجو رحم چڱو آهي. |
|
| 22 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان، منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦٽيل آهي. |
|
| 23 |
|
| آءٌ لهندڙ پاڇي وانگي گهٽبو وڃان: آءٌ مڪڙ وانگيان هيٺ مٿي پيو ڌڪا کانوان. |
|
| 24 |
|
| روزن ڪري منهنجا گوڏا هيڻا ٿي پيا آهن؛ ۽ منهنجو وات سڻڀ نہ هئڻ ڪري سڪي ويو آهي. |
|
| 25 |
|
| آءٌ هنن جي نظر ۾ طعني جوڳو ٿيو آهيان: اهي مون کي ڏسي ڪنڌ ٿا لوڏين. |
|
| 26 |
|
| اي خداوند منهنجا خدا منهنجي مدد ڪر؛ ۽ پنهنجي رحم موجب مون کي بچاءِ: |
|
| 27 |
|
| تہ انهن کي خبر پوي تہ اهو تنهنجو هٿ آهي؛ ۽ تو اي خداوند ائين ڪيو آهي. |
|
| 28 |
|
| اهي ڀلي تہ لعنت ڪن، پر تون برڪت ڏي؛ جڏهن اهي اُٿندا تڏهن شرمندا ٿيندا، پر تنهنجو بندو خوش ٿيندو. |
|
| 29 |
|
| شل منهنجا دشمن بي عزتيءَ جي پوشاڪ پائين، ۽ پنهنجيءَ شرمندگيءَ کي چادر وانگي ڍڪين. |
|
| 30 |
|
| آءٌ پنهنجي وات سان خداوند جي گهڻي شڪر گذاري ڪندس؛ ۽ وڏيءَ جماعت جي اڳيان سندس تعريف ڪندس. |
|
| 31 |
|
| ڇو جو هو مسڪين جي ساڄي هٿ وٽ بيهندو، تہ جيڪي سندس جان تي فتويٰ ٿا ڏين تن کان کيس بچائي. |
|
|
|
|