|
| 1 |
|
| اي خدا! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ ڪندو آهيان، سو تون ماٺ ڪري نہ ويهہ، |
|
| 2 |
|
| ڇوجو بڇڙا ۽ دغاباز منهنجي خلاف پيا ڳالهائين. هنن مون بابت بلڪل ئي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. |
|
| 3 |
|
| سندن عداوت وارين ڳالهين مون کي وڪوڙي ڇڏيو آهي. هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجي گلا ڪندا ٿا وتن. |
|
| 4 |
|
| هو منهنجي پيار جي عيوض ۾ مون تي تهمتون ٿا هڻن، توڙي جو آءٌ هنن جي لاءِ دعائون گھرندو ٿي رهيس. |
|
| 5 |
|
| هنن ڀلائيءَ جي عيوض ۾ مون سان برائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي پيار جي عيوض نفرت ڪندي مون بابت چون ٿا تہ |
|
| 6 |
|
| ”شل اسان جي هن دشمن تي ڪنهن بڇڙي ماڻهوءَ کي مقرر ڪيو وڃي، تانتہ ڀل اهو اچي مٿس تهمت هڻي! |
|
| 7 |
|
| جڏهن سندس عدالت ڪئي وڃي، تڏهن شل اهو ڏوهاري قرار ڏنو وڃي! شل سندس دعا کي بہ گناهہ ۾ شمار ڪيو وڃي! |
|
| 8 |
|
| شال سندس حياتيءَ جا ڏينهن جلدي پورا ٿي وڃن! ۽ کيس جيڪو عهدو آهي سو شل کانئس ڪو ٻيو کسي وٺي! |
|
| 9 |
|
| ڀل تہ سندس ٻار ڇورا ڇنا ٿي وڃن، ۽ سندس زال رنزال ٿي وڃي. |
|
| 10 |
|
| شال انهيءَ جا ٻار ٻچا رلندا پنندا وتن! شال هنن کي سندن ئي ويران گھرن مان لوڌي ڪڍيو وڃي! |
|
| 11 |
|
| شال سندس سڄو مال ڪو قرضخواہ ضبط ڪري وٺي! شال سندس محنت جي ڪمائي ڌاريا ماڻهو لُٽي وڃن! |
|
| 12 |
|
| شال انهيءَ تي ڪو ئي بہ رحم نہ ڪري! نڪي سندس يتيم ٻارن تي ڪنهن کي ڪا ڪهل اچي. |
|
| 13 |
|
| شال انهيءَ جو نسل بلڪل ئي ختم ٿي وڃي! شال ايندڙ پيڙهيءَ ۾ سندس نالو نشان بہ نہ هجي! |
|
| 14 |
|
| شل خداوند کي هن جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري ياد هجي، بلڪ سندس ماءُ جون خطائون بہ ميسارجي نہ وڃن! |
|
| 15 |
|
| شال سندن گناهہ هر وقت خداوند جي نظر ۾ رهن، بلڪ هو هن ڌرتيءَ تان سندن يادگيريون ئي مِٽائي ڇڏي! |
|
| 16 |
|
| انهيءَ سبب جو ان بڇڙي کي رحم ڪرڻ ڪڏهن ياد نہ رهيو، اٽلندو هن غريبن، مسڪينن ۽ دلشڪستن کي ستايو. هائو، انهن کي گھڻو ستايائين تانتہ سندن جانيون وٺي. |
|
| 17 |
|
| هن کي لعنت ڪرڻ پسند هو سو شل مٿس لعنتون ئي پون! کيس دعا ڪرڻ ڪين ٿي وڻيو سو شل اها بہ کانئس پري هجي! |
|
| 18 |
|
| لعنت ڪرڻ سندس فطرت هئي، سو اها ئي سندس واتان ٿي نڪتي. شل اهي لعنتون پاڻيءَ وانگر سندس آنڊن ۾، ۽ تيل وانگر سندس هڏين ۾ پئجي وڃن! |
|
| 19 |
|
| ڀل تہ اهي سندس مٿان پوشاڪ جيان پهريل هجن. ڀل تہ اهي سندري وانگر سندس چيلهہ سان هميشہ ٻڌل رهن.“ |
|
| 20 |
|
| اي خداوند! اهي تهمتون آهن، جيڪي منهنجا مخالف مون تي هڻن ٿا. پر تون انهن ماڻهن کي اهڙو ئي بدلو ڏيئي ڇڏ. |
|
| 21 |
|
| اي خداوند ، منهنجا رب! تنهنجو رحم عظيم آهي، سو تون مون کي انهن کان ڇڏائي وٺجانءِ. هائو، پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب مون تي ٻاجھہ ڪجانءِ. |
|
| 22 |
|
| ڏس، آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان، ۽ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڇِيهون ڇِيهون ٿي پيئي آهي. |
|
| 23 |
|
| جيئن ماڪڙ کي ڪپڙي تان هڪدم ڇنڊي اڇلائجي ٿو، ۽ جيئن شام جا لهندڙ پاڇا جلدي گم ٿيو وڃن، تيئن ئي منهنجي زندگي بہ جلدي گم ٿيندي وڃي ٿي. |
|
| 24 |
|
| فاقن جي ڪري منهنجي جسم تي رڳو چم ۽ هڏيون وڃي بچيون آهن، ۽ منهنجا گوڏا بہ ڪمزور ٿي ويا آهن. |
|
| 25 |
|
| آءٌ پنهنجي دشمنن جي نظر ۾ طعني جوڳو ٿي ويو آهيان، اهي جڏهن بہ مون کي ڏسن ٿا ٽوڪ وچان ڪنڌ کي لوڏين ٿا. |
|
| 26 |
|
| اي خداوند! اي منهنجا خدا! اچ، اچي منهنجي مدد ڪر. تون پنهنجي دائمي ٻاجھہ مطابق اچي مون کي بچاءِ، |
|
| 27 |
|
| تانتہ منهنجا دشمن ڄاڻي وٺن تہ منهنجي بچائڻ ۾ تنهنجو هٿ ئي آهي. اي خداوند! ڀل اهي ڄاڻي وٺن تہ هي سڀ ڪرڻ وارو تون ئي آهين. |
|
| 28 |
|
| اهي ڀلي مون تي لعنت پيا ڪن پر تون مون کي برڪت ڏي. تڏهن منهنجي خلاف اٿندڙ خوار خراب ٿيندا، پر آءٌ، جيڪو تنهنجو بندو آهيان سو خوشيون ڪندس. |
|
| 29 |
|
| شل تون منهنجي دشمنن کي ذلت ۽ خواريءَ سان ڍڪي ڇڏين! بلڪل ائين جيئن بدن مٿان چادر ڍڪبي آهي. |
|
| 30 |
|
| تڏهن آءٌ پنهنجي زبان سان تو خداوند جو بيحد شڪر ڪندس. آءٌ هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ اڳيان تنهنجي واکاڻ ڪندس، |
|
| 31 |
|
| ڇاڪاڻ تہ تون مسڪين ماڻهوءَ جو ساڄو هٿ آهين، تانتہ کيس انهن کان بچائين، جيڪي سندس موت جون فتوائون ٿا ڏين. |
|
|
|
|