Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟ |
| 2 |
| ڇالاءِ جو ڏس، بڇڙا پنهنجي ڪمان ڪشي تير زهہ تي چاڙهين ٿا، تہ سچيءَ دل وارن کي اوندهہ ۾ هڻن. |
| 3 |
| جيڪڏهن بنياد ڊهي پوندو، تہ پوءِ سچار ڇا ڪندو؟ |
| 4 |
| خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا. |
| 5 |
| خداوند راستباز کي آزمائي ٿو؛ پر بدڪار ۽ ظلم کي پسند ڪندڙ کان هن کي نفرت آهي. |
| 6 |
| بڇڙن تي هو ڦندا وسائيندو؛ باهہ ۽ گندرف ۽ جهولو انهن جي پيالي جو حصو ٿيندو. |
| 7 |
| ڇالاءِ جو خداوند راست آهي؛ ۽ راستيءَ کي چاهي ٿو: سچار سندس منهن ڏسندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/011.mp3
150
11