مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| آءٌ خداوند جي پناهہ ۾ آهيان، پوءِ اوهين مون کي هيئن ڇو ٿا چئو تہ ”تون پکيءَ وانگر جبل تي اڏامي وڃ.“ |
| 2 |
| اوهين چئو ٿا تہ ”ڏس، بڇڙا پنهنجي تيرڪمان کي تيار ٿا ڪن. هو تير کي زِهَہ تي چاڙهين ٿا، انهيءَ لاءِ تہ اوندهہ مان اهو سچيءَ دل وارن کي هڻن. |
| 3 |
| جيڪڏهن قاعدن ۽ اصولن کي ئي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو، تہ پوءِ سچار ڇا ڪري سگھندو؟“ |
| 4 |
| ياد رکو، خداوند ، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو. |
| 5 |
| هو سچار ۽ بدڪار ٻنهي کي جاچي ٿو. سو جيڪو بدڪاريءَ ۽ ظلم کي پسند ڪري ٿو، تنهن کان هو نفرت ٿو ڪري. |
| 6 |
| هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي. |
| 7 |
| جيئن تہ خداوند سچو آهي، تنهنڪري هو نيڪ عملن کي پسند ڪري ٿو. سو جيڪي سچا ماڻهو هوندا، سي ئي سندس حضور ۾ حاضر رهندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/011.mp3
150
11