Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن کي خداوند جو ڊپ آهي، اهو سندس حڪمن جي ڪري گهڻو خوش ٿو رهي. |
| 2 |
| هن جو نسل زمين تي زوراور ٿيندو: ۽ راستبازن جي اولاد مبارڪ ٿيندو. |
| 3 |
| هن جي گهر ۾ مال ۽ دولت ٿيندي: ۽ سندس سچائي هميشہ تائين قائم رهندي. |
| 4 |
| سچارن لاءِ اوندهہ ۾ سوجهرو ٿو نڪري: هو رحيم، ٻاجهارو، ۽ راستباز آهي. |
| 5 |
| جيڪو ماڻهو رحم ڪري اُڌارو ٿو ڏئي تنهن جو ڀلو ٿيندو؛ هو پنهنجو ڪم ڪار سچائيءَ سان ڪندو. |
| 6 |
| هن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو؛ ڇو جو راستباز جي يادگيري هميشہ تائين رهندي. |
| 7 |
| هو خراب خبر ٻڌي ڪين ڊڄندو، سندس دل قائم آهي، ڇو جو خداوند تي ڀروسو رکيو اٿس. |
| 8 |
| هن جي دل قائم آهي، تنهن ڪري هو ڪين ڊڄندو، ايترو جو هو پنهنجي دشمنن کي ڏسي وٺندو. |
| 9 |
| هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو. |
| 10 |
| بدڪار اهو ڏسي سڙي ويندو؛ هو اهو ڏسي ڏند ڪرٽيندو، ۽ ڳري ويندو. بڇڙن جي مراد تباهہ ٿي ويندي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/112.mp3
150
112