Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. اي خداوند جا بندا، اوهين تعريف ڪريو، خداوند جي نالي جي تعريف ڪريو. |
| 2 |
| شل خداوند جو نالو هينئر کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ هجي. |
| 3 |
| سج جي اُڀرڻ کان وٺي انهي جي لهڻ تائين، خداوند جي تعريف ٿئي. |
| 4 |
| خداوند سڀني قومن تي بلند آهي، ۽ سندس جلال آسمانن تي بہ عظيم آهي. |
| 5 |
| خداوند اسان جو خدا، جو آسمانن ۾ تخت نشين آهي، تنهن جهڙو ٻيو ڪير آهي، |
| 6 |
| جو پاڻ کي نماڻو ٿو ڪري تہ آسمان ۽ زمين جي شين تي نظر ڪري؟ |
| 7 |
| هو مسڪين کي مٽيءَ مان اُٿاري کڙو ٿو ڪري، ۽ محتاج کي ڪچري جي ڍير تان مٿي ٿو کڻي؛ |
| 8 |
| انهي لاءِ تہ کيس اميرن سان، بلڪ پنهنجي قوم جي سردارن سان گڏ ويهاري. |
| 9 |
| هو سنڍ جو گهر آباد ٿو ڪري، ۽ کيس ٻارن جي سرهي ماءُ ٿو ڪري، خداوند جي تعريف ڪريو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/113.mp3
150
113