مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي خداوند جا بندؤ! اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، خداوند جي نالي کي ساراهيو. |
| 2 |
| شال هينئر، بلڪ هميشہ هميشہ تائين، خداوند جو نالو سڳورو هجي! |
| 3 |
| دنيا جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، شال خداوند جي نالي کي ساراهيو وڃي! |
| 4 |
| خداوند سڀني قومن جو حاڪمِ اعليٰ آهي، انهيءَ جي عظمت آسمانن کان بہ مٿاهين آهي. |
| 5 |
| خداوند اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو آهي ڇا، جيڪو عرش عظيم تي تختنشين آهي؟ |
| 6 |
| انهيءَ هوندي بہ هو اتان نِوڙي هيٺ زمين ۽ آسمان تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪري ٿو. |
| 7 |
| هو مسڪينن ۽ محتاجن کي مٽيءَ ۽ ڪچري جي ڍير تان کڻي بلنديءَ تي پهچائي ٿو، |
| 8 |
| ۽ انهن کي سردارن سان گڏ ويهاري ٿو. هائو، هو کين پنهنجي قوم جي سردارن جهڙو شان وَ شوڪت عطا ڪري ٿو. |
| 9 |
| اهو ئي سنڍ عورت جو گھر آباد ڪري ٿو. هائو، کيس ٻارن جي ماءُ بڻائي خوشي بخشي ٿو. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/113.mp3
150
113