Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| جڏهن اسرائيل مصر مان، ۽ يعقوب جو گهراڻو ڌاريءَ ٻوليءَ ڳالهائيندڙ ماڻهن مان نڪري آيو: |
| 2 |
| تڏهن يهوداهہ سندس پاڪ مڪان ٿيو، ۽ اسرائيل هن جي بادشاهت بڻيو. |
| 3 |
| سمنڊ اهو ڏسي ڀڄي ويو؛ ۽ يردن ندي بہ پٺ تي هٽجي ويئي. |
| 4 |
| جبل گهٽن وانگر ٽپڻ لڳا، ۽ ٽڪريون ننڍين رڍن وانگر ٽپڻ لڳيون. |
| 5 |
| اي سمنڊ توکي ڇا ٿيو جو تون ڀڄي وئين؟ ۽ اي يردن ندي توکي ڇا ٿيو جو تون پٺ تي ٿي هٽينءَ؟ |
| 6 |
| اي جبل اوهان کي ڇا ٿيو جو اوهين گهٽن وانگي ٽپيا؛ ۽ اي ٽڪريون اوهان کي ڇا ٿيو جو اوهين ننڍين رڍن وانگر ٽپا ڏيڻ لڳيون؟ |
| 7 |
| اي زمين تون خداوند جي حضور، ۽ يعقوب جي خدا جي حضور ڏڪي وڃ. |
| 8 |
| هن ٽڪريءَ کي ڦيرائي پاڻيءَ جو تلاءُ ڪيو، ۽ چقمق مان پاڻيءَ جو چشمو پيدا ڪيائين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/114.mp3
150
114