مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| بني اسرائيل قوم مصر منجھان ٻاهر نڪري آئي. هائو، خدا يعقوب جي نسل کي ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙن مان ڪڍي آيو. |
| 2 |
| هن يهوداہ علائقي ۾ پنهنجو مقدس تخت قائم ڪيو، تہ جيئن اتان پوري اسرائيل ملڪ تي بادشاهي ڪري. |
| 3 |
| ڳاڙهي سمنڊ جڏهن خدا کي ڏٺو تڏهن اهو پٺتي هٽي ويو، اردن درياءُ پڻ کيس ڏسي پٺئين پاسي وهڻ لڳو. |
| 4 |
| ٽڪريون توڙي جبل ٿڙڪڻ لڳا، بلڪ منجھن رڍن ٻڪرين وانگر ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. |
| 5 |
| اي سمنڊ! ٻڌاءِ تو کي ڇا ٿيو؟ تون ڇو پٺتي هٽي وئين؟ اي اردن درياءَ! تو کي ڇا ٿيو؟ تون پٺتي ڇو وهڻ لڳو هيئن؟ |
| 6 |
| اي ٽڪريون ۽ جبلؤ! اوهان کي ڇا ٿيو؟ اوهان ۾ رڍن ٻڪرين وانگر ڇو ڦڙڦوٽ پيئي؟ |
| 7 |
| اي ڌرتي! تون بہ ڏڪي ويندينءَ، جڏهن يعقوب جو خدا تو کي اچي ويجھو ٿيندو. |
| 8 |
| هو اهڙو آهي جيڪو سخت ٽڪريءَ کي پاڻيءَ جو تلاءُ بڻايو ڇڏي، ۽ انهيءَ منجھان وهندڙ چشمو جاري ڪيو ڇڏي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/114.mp3
150
114