Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر. |
| 2 |
| ڌاريون قومون ڇو چون تہ هاڻي هنن جو خدا ڪٿي آهي؟ |
| 3 |
| اسان جو خدا آسمان ۾ آهي: هن کي جيڪي وڻيو سو سڀ ڪيائين. |
| 4 |
| انهن جا بت چانديءَ ۽ سون جا آهن، ۽ ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري آهن. |
| 5 |
| انهن کي وات آهي پر ڳالهائين نٿا، اکيون اٿن پر ڏسن نٿا؛ |
| 6 |
| ڪن اٿن پر ٻڌن نٿا؛ نڪ اٿن پر سنگهن نٿا؛ |
| 7 |
| هٿ اٿن پر جهلين نٿا؛ نڪي پنهنجيءَ نڙيءَ مان آواز ٿا ڪڍن. |
| 8 |
| جيڪي انهن کي جوڙين ٿا، ۽ جيڪي انهن تي ڀروسو ٿا رکن، سي سڀ انهن جهڙا ٿيندا. |
| 9 |
| اي اسرائيل تون خداوند تي ڀروسو رک: اهو ئي انهن جو مددگار ۽ انهن جي ڍال آهي. |
| 10 |
| اي هارون جا گهراڻا اوهين خداوند تي ڀروسو رکو: اهو ئي انهن جو مددگار ۽ انهن جي ڍال آهي. |
| 11 |
| اوهين جيڪي خداوند کان ڊڄو ٿا، سي خداوند تي ڀروسو رکو، اهو ئي اوهان جو مددگار ۽ اوهان جي ڍال آهي. |
| 12 |
| خداوند اسان جي سار لڌي آهي، ۽ هو اسان کي برڪت ڏيندو: هو اسرائيل جي گهراڻي کي برڪت ڏيندو: هو هارون جي گهراڻي کي برڪت ڏيندو. |
| 13 |
| جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ننڍا توڙي وڏا، تن کي هو برڪت ڏيندو. |
| 14 |
| شل خداوند اوهان کي، ۽ اوهان جي اولاد کي وڌائيندو وڃي. |
| 15 |
| شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي، جو آسمان ۽ زمين جو خالق آهي. |
| 16 |
| آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي. |
| 17 |
| مُردا خداوند جي تعريف نٿا ڪن، نڪي اهي جي هيٺ ماٺ جي عالم ۾ ٿا وڃن. |
| 18 |
| پر اسين هن وقت کان وٺي هميشہ تائين خداوند کي مبارڪ چونداسين. خداوند جي تعريف ڪريو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/115.mp3
150
115