Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| آءٌ خداوند کي پيار ٿو ڪريان. ڇو جو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجا عرض ٻڌا آهن. |
| 2 |
| ڇالاءِ جو هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين کيس پڪاريندو رهندس. |
| 3 |
| موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون ۽ قبر جا درد مون تي اچي پيا: آءٌ ڏک ۽ غم ۾ جهلجي ويس. |
| 4 |
| تڏهن مون خداوند جي نالي کي پڪاريو؛ تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏاءِ. |
| 5 |
| خداوند رحيم ۽ سچار آهي؛ هائو اسان جو خدا رحم ڪرڻ وارو آهي. |
| 6 |
| خداوند ڀورڙن جي حفاظت ٿو ڪري؛ آءٌ دٻجي ويو هوس پر هن مون کي بچائي ورتو. |
| 7 |
| اي منهنجي جان تون پنهنجي آرامگاهہ ۾ موٽي اچ؛ ڇو جو خداوند تو سان ڏاڍي ڀلائي ڪئي آهي. |
| 8 |
| تو منهنجي جان کي موت کان، ۽ منهنجين اکين کي لڙڪن کان، ۽ منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان ڇڏايو آهي. |
| 9 |
| آءٌ جيئرن جي ملڪ ۾ خداوند جي حضور ۾ هلندو رهندس. |
| 10 |
| مون کي يقين آهي، تنهن ڪري آءٌ ڳالهائيندس: آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ هوس: |
| 11 |
| مون تڪڙ ڪري چيو، تہ سڀيئي ماڻهو ڪوڙا آهن. |
| 12 |
| خداوند مون کي جيڪي نعمتون ڏنيون آهن تن جي عيوض آءٌ هن کي ڇا ڏيان؟ |
| 13 |
| آءٌ نجات جو پيالو کڻي ۽ خداوند جو نالو وٺي دعا گهرندس. |
| 14 |
| آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس. |
| 15 |
| خداوند جي نظر ۾ سندس مقدسن جو موت تمام قيمتي آهي. |
| 16 |
| اي خداوند سچ پچ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان: آءٌ تنهنجو ٻانهو، ۽ تنهنجي ٻانهيءَ جو اولاد آهيان؛ تو منهنجا بند کوليا آهن. |
| 17 |
| آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قرباني پيش ڪندس، ۽ خداوند جو نالو وٺي دعا گهرندس. |
| 18 |
| آءٌ هاڻي سندس اُمت جي روبرو، خداوند جي حضور ۾ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس. |
| 19 |
| خداوند جي گهر جي درگاهہ ۾، ۽ اي يروشلم تو منجهہ اهي پوريون ڪندس. خداوند جي تعريف ڪريو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/116.mp3
150
116