|
| 1 |
|
| مون کي خداوند سان محبت آهي، ڇوجو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجي منٿن کي ٻڌو آهي. |
|
| 2 |
|
| جيئن تہ هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي کيس پڪاريندو رهندس. |
|
| 3 |
|
| مون کي موت جي رسين ويڙهي ڇڏيو هو، ۽ قبر جي هيبت اچي ورتو هئم. هائو، آءٌ ڏک ۾ گرفتار ٿي ويو هئس، ۽ دهشتن مون کي گھيري ڇڏيو هو. |
|
| 4 |
|
| انهيءَ وقت مون خداوند کي پڪاريو هو تہ ”اي خداوند! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي جان بچاءِ.“ |
|
| 5 |
|
| بيشڪ خداوند رحيم ۽ سچار آهي، اسان جو خدا ٻاجھہ ڪرڻ وارو آهي. |
|
| 6 |
|
| خداوند سادن سٻاجھن جي حفاظت ڪري ٿو. سو جڏهن آءٌ دٻجي ويو هئس تڏهن هن مون کي بچائي ورتو. |
|
| 7 |
|
| خداوند مون تي ايڏو تہ احسان ڪيو آهي، جو مون کي وري ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. |
|
| 8 |
|
| هن مون کي موت جي منهن مان ڇڏائي ورتو آهي. هائو، هن منهنجي اکين کي لڙڪن وهائڻ کان ۽ منهنجي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي. |
|
| 9 |
|
| سو هاڻ آءٌ خداوند جي حضور ۾، جيئرن جي هن دنيا اندر هلندو رهندس. |
|
| 10 |
|
| مون ان وقت بہ ايمان آندو هو جڏهن چيو هئم تہ ”آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان.“ |
|
| 11 |
|
| تڏهن آءٌ ايترو تہ ڏهڪاءَ ۾ هئس جو مون چيو هو تہ ”سڀيئي ماڻهو ڪُوڙا آهن، ڪوبہ ڀروسي جهڙو ناهي.“ |
|
| 12 |
|
| خداوند جي ڪيل انهن سڀني مهربانين جي بدلي ۾، آءٌ کيس ڇا ٿو ڏيئي سگھان؟ |
|
| 13 |
|
| آءٌ تہ اوتڻ وارو نذرانو کڻي خداوند آڏو پيش ڪندس، ۽ سندس شڪرانو بجا آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي جان بچائي آهي. |
|
| 14 |
|
| هائو، جڏهن ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيندا تہ آءٌ سندن روبرو، خداوند آڏو پنهنجيون اهي باسون پوريون ڪندس. |
|
| 15 |
|
| بيشڪ خداوند جي نيڪ بندن جو موت بہ، سندس نظرن ۾ ڪيڏو نہ اَملهہ آهي! |
|
| 16 |
|
| اي خداوند! آءٌ تنهنجو ئي ٻانهو آهيان، هائو، تنهنجو ٻانهو يعني تنهنجي ٻانهيءَ جو ٻار آهيان. تو ئي منهنجي موت جا بند کوليا آهن. |
|
| 17 |
|
| سو آءٌ تنهنجو نالو وٺي تنهنجي حضور ۾ شڪراني جو نذرانو پيش ڪندس. |
|
| 18 |
|
| جڏهن ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيندا تہ آءٌ سندن روبرو، تو خداوند آڏو پنهنجيون اهي باسون پوريون ڪندس. |
|
| 19 |
|
| هائو، اهي آءٌ تنهنجي گھر جي بارگاهن ۾، تنهنجي شهر يروشلم منجھہ ئي پوريون ڪندس. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
|
|
|
|