|
| 1 |
|
| خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ سندس رحم هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 2 |
|
| ڀلي تہ اسرائيل هاڻي چوي، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي. |
|
| 3 |
|
| ڀلي تہ هارون جو گهراڻو هاڻي چوي، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي. |
|
| 4 |
|
| جن کي خداوند جو ڊپ آهي سي ڀلي تہ چون، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي. |
|
| 5 |
|
| مون پنهنجي مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو: خداوند منهنجي اونائي ۽ مون کي ڪشاديءَ جاءِ ۾ ويهاريائين. |
|
| 6 |
|
| خداوند منهنجي پاسي آهي ۽ آءٌ ڪين ڊڄندس: انسان مون کي ڇا ڪندو؟ |
|
| 7 |
|
| خداوند منهنجي پاسي منهنجي مددگارن ۾ آهي: تنهن ڪري آءٌ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب پنهنجي دشمنن جو برو حال ڏسندس. |
|
| 8 |
|
| خداوند تي ڀروسو رکڻ انسان تي آس رکڻ کان چڱو آهي. |
|
| 9 |
|
| خداوند تي ڀروسو رکڻ سردارن تي آس رکڻ کان چڱو آهي. |
|
| 10 |
|
| سڀ ڌاريون قومون مون کي چوڌاري ويڙهي ويون آهن: پر آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. |
|
| 11 |
|
| اهي مون کي ويڙهي ويون آهن؛ هائو اهي مون کي ويڙهي ويون آهن: پر آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. |
|
| 12 |
|
| اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگي ويڙهي ويون؛ پر ڪنڊن جي باهہ وانگيان وسامي ويون: آءٌ خداوند جي نالي انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. |
|
| 13 |
|
| تو مون کي زور سان ڌڪو ڏنو تہ آءٌ ڪري پوان: پر خداوند منهنجي مدد ڪئي. |
|
| 14 |
|
| خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجو گيت آهي؛ ۽ اهو ئي منهنجي نجات ٿيو آهي. |
|
| 15 |
|
| راستبازن جي تنبن ۾ نجات ۽ خوشيءَ جو آواز آهي: خداوند جو ساڄو هٿ قدرت جا ڪم ٿو ڪري. |
|
| 16 |
|
| خداوند جو ساڄو هٿ بلند آهي، خداوند جو ساڄو هٿ قدرت جا ڪم ٿو ڪري. |
|
| 17 |
|
| آءٌ مرندس ڪين پر جيئرو رهندس، ۽ خداوند جي ڪمن جو بيان ڪندس. |
|
| 18 |
|
| خداوند مون کي گهڻي سيکت ڏني آهي: پر مون کي موت جي حوالي نہ ڪيو اٿس. |
|
| 19 |
|
| راستبازيءَ جا دروازا مون لاءِ کولي ڇڏيو: آءٌ انهن ۾ داخل ٿي خداوند جي شڪر گذاري ڪندس. |
|
| 20 |
|
| خداوند جو دروازو اهو آهي؛ راستباز انهيءَ ۾ داخل ٿيندا |
|
| 21 |
|
| آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس، ڇو جو تو منهنجي اونائي، ۽ پاڻ منهنجي نجات ٿيو آهين. |
|
| 22 |
|
| جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو سو ئي ڪنڊ جو پٿر يعني مکيہ ڪيو ويو. |
|
| 23 |
|
| هي خداوند جي طرفان ٿيو؛ ۽ اسان جي نظر ۾ عجيب آهي. |
|
| 24 |
|
| هي اهو ڏينهن آهي جو خداوند مقرر ڪيو آهي؛ اسين منجهس خوشي ڪنداسين ۽ سرها ٿينداسين. |
|
| 25 |
|
| اي خداوند اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي بچاءِ: اي خداوند اسين توکي عرض ٿا ڪريون تون اسان کي خوشحال رک. |
|
| 26 |
|
| مبارڪ آهي اهو جو، خداوند جي نالي اچي ٿو: اسان خداوند جي هيڪل مان اوهان کي برڪت ڏني آهي. |
|
| 27 |
|
| خداوند ئي خدا آهي، ۽ هن اسان کي سوجهرو ڏنو آهي: اوهين قربانيءَ کي قربانگاهہ تي رسين سان ٻڌو، يعني قربانگاهہ جي سڱن سان. |
|
| 28 |
|
| تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس: تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس. |
|
| 29 |
|
| خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ سندس رحم هميشہ تائين آهي. |
|
|
|
|