×

مقدس ڪلام توريت، زبور

زبور ١١٨

1
خداوند جو شڪرانو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي. سندس رحم ابد تائين قائم آهي.
2
هاڻ بني اسرائيل چون تہ ”سندس رحم ابد تائين قائم آهي.“
3
ڪاهن بہ چون تہ ”سندس رحم ابد تائين قائم آهي.“
4
بلڪ خداوند جي بندگي ڪرڻ وارا سڀ چون تہ ”سندس رحم ابد تائين قائم آهي.“
5
”مون مصيبت جي وقت خداوند کي پڪاريو، خداوند منهنجي دانهن ٻڌي ۽ مون کي ڇڏايائين.
6
جيئن تہ خداوند مون سان آهي، سو آءٌ ڊڄڻ وارو نہ آهيان. انسان مون کي ڇا ڪري سگھندو؟
7
خداوند مون سان گڏ آهي ۽ اهو ئي منهنجي مدد ڪندو. هائو، منهنجي ڏسندي هو منهنجي دشمنن کي شڪست ڏيندو.
8
ڪو فاني انسان، پوءِ اهو وڏو سردار ئي ڇونہ هجي، تنهن تي آسرو رکڻ کان، خداوند تي توڪل ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.
9
10
گھڻيون ئي ڌاريون قومون مون کي وڪوڙي ويون هيون، پر خداوند جي نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو.
11
اهي مون کي چئني پاسن کان وڪوڙي ويون هيون، پر خداوند جي نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو.
12
اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگر ويڙهي ويون هيون، پر ڪنڊن جي باهہ جيان اهي اک ڇنڀ ۾ ٻري سڙي ويون. هائو، خداوند جي زورآور نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو.
13
انهن دشمنن جا حملا ايڏا تہ زوردار هئا، جو آءٌ شڪست کائڻ تي هئس، پر خداوند منهنجي مدد ڪئي.
14
بيشڪ خداوند ئي منهنجي طاقت ۽ راڳ آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي.
15
سو سچارن جي لشڪرگاهہ مان فتح ۽ خوشيءَ جا نعرا ٿا ٻڌجن تہ ’ خداوند وڏي قدرت وارو آهي!
16
خداوند پنهنجو زورآور هٿ بلند ڪيو آهي! خداوند پوري قدرت سان فتح بخشي آهي!‘
17
هاڻ آءٌ مرڻ کان بچي ويو آهيان. سو جيئرو رهي آءٌ خداوند جي قدرت بيان ڪندو رهندس.
18
بيشڪ خداوند مون کي گھڻي کان گھڻي سيکت ڏني، پر تڏهن بہ مون کي موت جي حوالي ڪين ڪيائين.
19
اي دربانؤ! مقدس هيڪل جا دروازا کولي ڇڏيو، تان‌تہ هيڪل ۾ داخل ٿي آءٌ خداوند جو شڪر ادا ڪريان.“
20
”هي خداوند جو دروازو آهي، بيشڪ انهيءَ ۾ سچار ماڻهو داخل ٿي سگھن ٿا.“
21
”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرانو بجا ٿو آڻيان، جو تو منهنجي دانهن ٻڌي مون کي ڇڏايو آهي.“
22
”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.
23
بيشڪ هي سڀ خداوند جي طرفان ٿيو آهي، اهو سڀ اسان جي نظر ۾ ڪيڏو نہ عجيب آهي!
24
هي ڏينهن خداوند فتح جي خوشيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي. سو اچو تہ اسين اڄ سرها ٿيون ۽ خوشيون ملهايون.
25
اي خداوند! اسين عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي تون ائين بچائيندو رهج. اي خداوند! تون اسان کي سوڀ عطا ڪندو رهج.“
26
”بيشڪ اهو سڀاڳو آهي جيڪو خداوند جي طلب ۾ هتي اچي ٿو، اسين خداوند جي هيڪل ۾ انهيءَ کي دعا ڪريون ٿا.
27
بيشڪ خداوند ئي اسان جو خدا آهي، جنهن اسان سان ڀال ڀلايو آهي. سو اي بادشاهہ! اوهين قربان‌گاهہ جي چوڌاري ڦرندي ٽاريون کڻي جشن ملهايو.“
28
”تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس. تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس.“
29
خداوند جو شڪرانو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي، سندس رحم ابد تائين قائم آهي.
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو