مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڪو نيڪ ماڻهو نہ رهيو آهي. هائو، بني آدم مان ايماندار بلڪل گم ٿي ويا آهن. |
| 2 |
| هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا. |
| 3 |
| اي خداوند! جيڪي بہ چاپلوس آهن تن جا چپ وڍي ڇڏ. جيڪي وڏي لٻاڙ هڻن ٿا تن جي زبان وڍي ڇڏ. |
| 4 |
| اهي پاڻ ۾ چون ٿا تہ ”اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين، ۽ جيڪي وڻندو سو چونداسين، ڪير آهي جيڪو اسان کي روڪي سگھي؟“ |
| 5 |
| پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“ |
| 6 |
| خداوند جا جيڪي بہ قول آهن سي سڀ خالص آهن. اهي باهہ ۾ تپايل انهيءَ چانديءَ جيان آهن، جيڪا ست ڀيرا صاف ڪيل هجي. |
| 7 |
| اي خداوند! بڇڙا ماڻهو هر طرف گھمن ڦرن ٿا، ۽ بني آدم ۾ ڪميڻائيءَ جو قدر گھڻو وڌي ويو آهي. سو تون اسان جي سار سنڀار لهج، ۽ اهڙن ماڻهن کان هميشہ اسان جي حفاظت ڪندو رهج. |
| 8 |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/012.mp3
150
12