Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن مون کي جواب ڏنو. |
| 2 |
| اي خداوند تون مون کي ڪوڙي وات ۽ ٺڳيندڙ زبان کان ڇڏاءِ. |
| 3 |
| اي دغاباز زبان توکي ڇا ملندو، ۽ توکي ٻيو ڇا ڪيو ويندو؟ |
| 4 |
| اها زبردست ماڻهوءَ جن تکن تيرن جهڙي، ۽ آهو ٻير جي ٽانڊن جهڙي آهي. |
| 5 |
| مون تي افسوس جو آءٌ مسڪ ۾ ٿو گذاريان، ۽ قيدار جي تنبن ۾ ٿو رهان. |
| 6 |
| جيڪي صلح سان دشمني ٿا رکن تن سان رهندي مون کي گهڻي مدت ٿي ويئي آهي. |
| 7 |
| آءٌ تہ صلح جو ڪوڏيو آهيان: پر جڏهن آءٌ ڳالهايان ٿو، تہ اهي وڙهڻ ٿا اچن. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/120.mp3
150
120