مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| مون مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو. هن منهنجي اها دانهن ٻڌي ورتي تہ |
| 2 |
| ”اي خداوند! مون کي ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان بچاءِ، هائو، انهن ٺڳي ڪندڙن کان مون کي ڇڏاءِ.“ |
| 3 |
| اي دغابازؤ! ٻڌو، ٺڳيءَ جي بدلي توهان کي ڇا ملندو، ۽ توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو؟ |
| 4 |
| توهان کي بهادر ماڻهو تکا تير هڻندا، جيڪي توهان کي ٻٻر جي ڀڙڪندڙ ٽانڊن جيان اچي لڳندا. |
| 5 |
| افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري. |
| 6 |
| هائو، اهي جيڪي صلح جا دشمن آهن، تن سان رهندي مون کي گھڻي مدت گذري ويئي آهي. |
| 7 |
| آءٌ تہ صلح جو ڏاڍو ڪوڏيو آهيان، پر جڏهن صلح جي ڳالهہ ٿو ڪريان تڏهن هو جنگ جي لاءِ تيار ٿيو وڃن. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/120.mp3
150
120