×

مقدس ڪلام توريت، زبور

زبور ١٢١

1
آءٌ پنهنجيون اکيون کڻي جبلن ڏانهن نهاريان ٿو، هائو، آءٌ واجھايان ٿو تہ منهنجي مدد الائي ڪٿان ايندي؟
2
بيشڪ منهنجي مدد خداوند کان ايندي، جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي.
3
ڪاهن هيئن ٿو چوي تہ ”خداوند تنهنجو اهڙو محافظ آهي، جنهن کي ننڊ جو جھوٽو بہ ناهي ايندو. اهو تنهنجي پيرن کي ترڪڻ نہ ڏيندو.
4
هائو، اسان بني اسرائيل جي محافظ کي ننڊ تہ ڇڏيو پر ننڊ جو جھوٽو بہ ناهي ايندو.
5
بيشڪ خداوند تنهنجي حفاظت ڪندو. هو تو مٿان پوريءَ طرح پنهنجي ڇانوَ ڪندو.
6
نہ ڏينهن جي وقت سج ۽ نہ وري رات جي وقت چنڊ تو کي ڪو ايذاءُ رسائيندا.
7
خداوند تو کي هر بلا کان محفوظ رکندو، هائو، هو تنهنجيءَ جان جي حفاظت ڪندو.
8
خداوند هر ڪم ۾ ۽ هر هنڌ تنهنجي حفاظت ڪندو. هائو، هو هينئر کان هميشہ هميشہ تائين تنهنجي حفاظت ڪندو.“
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو