مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| ان وقت آءٌ خوش ٿيو هئس جڏهن مون کي چيو ويو هو تہ ”اچ تہ اسين خداوند جي گھر هلون.“ |
| 2 |
| اي يروشلم! اسان جا قدم تنهنجي دروازن اندر اچي پهتا آهن. |
| 3 |
| اي يروشلم! تون اهڙو اڏيل آهين، جيئن ڪو ڪوٽن وارو پختو شهر اڏيل هجي. |
| 4 |
| قبيلا، يعني خداوند جا قبيلا اوڏانهن ئي وڃن ٿا. هائو، بني اسرائيل جا سڀيئي قبيلا خدا جي حڪم موجب اتي وڃي خداوند جي نالي جو شڪر ادا ڪن ٿا. |
| 5 |
| اُتي عدالت وارو شاهي تخت قائم آهي، يعني دائود جي شاهي گھراڻي جو تخت. |
| 6 |
| يروشلم جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هيءَ دعا گھرو تہ ”اي يروشلم! جيڪي تو سان پيار ٿا ڪن سي شل خوشحال هجن. |
| 7 |
| شال تنهنجي ڪوٽن اندر هميشہ امن وَ سلامتي هجي، ۽ تنهنجي محلاتن منجھہ هميشہ خوشحالي هجي.“ |
| 8 |
| آءٌ پنهنجي همقوم عزيزن ۽ ساٿين جي خاطر، يروشلم کي هيئن دعا ٿو ڏيان تہ ”شال تو ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!“ |
| 9 |
| اي يروشلم! آءٌ تو لاءِ ائين خير پيو گھرندو رهندس، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا جو گھر تو منجھہ آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/122.mp3
150
122