مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| بني اسرائيل وارا هيئن چون تہ ”جيڪڏهن اسان جو خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها، |
| 2 |
| هائو، جڏهن ماڻهو اسان جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا هئا، تڏهن جي اسان جو خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها، |
| 3 |
| تہ جنهن وقت اهي اسان تي سخت ڪاوڙيا هئا، تنهن وقت اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها. |
| 4 |
| انهيءَ مهل ڄڻ ٻوڏ اسان کي ٻوڙي ڇڏي ها، ۽ اسان جي مٿان وهڪرا وهي وڃن ها، |
| 5 |
| اسان کي ڄڻ گجندڙ پاڻي لوڙهي وڃي ها، ۽ اسين انهيءَ ۾ ٻڏي وڃون ها.“ |
| 6 |
| شال خداوند سڳورو هجي! جنهن اسان کي مخالفن جو شڪار ٿيڻ نہ ڏنو. |
| 7 |
| اسان جي جان ائين ڇٽي آهي، جيئن پکي ماريءَ جي ڦندي مان ڇٽي، ڦندو ٽٽي ويو ۽ اسين ڇٽي نڪتاسين. |
| 8 |
| بيشڪ خداوند ئي اسان جو مددگار آهي، جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/124.mp3
150
124