مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| جن جو خداوند تي ڀروسو آهي سي صيئون جبل جيان آهن، جنهن کي ڪو لوڏو نہ ٿو اچي ۽ جيڪو هميشہ لاءِ قائم آهي. |
| 2 |
| جيئن يروشلم کي چوڌاري جبل وڪوڙيل آهن، تيئن ئي هاڻي بلڪ هميشہ هميشہ لاءِ، خداوند چئني طرفن کان پنهنجي قوم جو محافظ آهي. |
| 3 |
| بدڪارن جي حڪومت سچارن جي ميراث واري ملڪ تي ڪڏهن بہ قائم رهي نہ سگھندي، انهيءَ لاءِ تہ متان سچار پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين. |
| 4 |
| اي خداوند! جيڪي نيڪ ۽ سچيءَ دل وارا آهن، تن سان تون ڀلائي ڪر. |
| 5 |
| پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي! |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/125.mp3
150
125