Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| جڏهن خداوند صيون جي قيدين کي موٽائي آندو، تڏهن اسين انهن جهڙا هئاسين جي خواب ٿا لهن. |
| 2 |
| تنهن مهل اسان جو وات کل خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ۽ اسان جي زبان گيت ڳائڻ لڳي: تڏهن اهي ڌارين قومن ۾ چوڻ لڳا تہ خداوند هن لاءِ وڏا ڪم ڪيا آهن. |
| 3 |
| خداوند اسان لاءِ وڏا ڪم ڪيا آهن؛ جنهن ڪري اسين خوش آهيون. |
| 4 |
| جهڙيءَ طرح ڏکڻ واريون نديون پاڻيءَ سان ڀرجي ٿيون اچن، تهڙيءَ طرح اي خداوند اسان جي قيدين کي موٽائي وٺي اچ. |
| 5 |
| جيڪي ڳوڙها ڳاڙيندي پوکين ٿا سي خوشي ڪندي لڻندا. |
| 6 |
| جيڪو روئندي روئندي ٻج کڻي پوکڻ ٿو وڃي؛ سو خوشيءَ سان گڏا کڻي موٽي ايندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/126.mp3
150
126