مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| جڏهن خداوند صيئون جي خوشحاليءَ کي وري بحال ڪيو، تڏهن اسين اهڙا خوشحال ٿياسين ڄڻ تہ اهو ڪو خواب هو. |
| 2 |
| انهيءَ مهل اسين خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏيڻ ۽ گيت ڳائي خوشيون ملهائڻ لڳاسين. تڏهن غير قومن ۾ هل مچي ويو تہ ” خداوند هنن لاءِ ڪيڏا نہ عظيم ڪم ڪيا آهن.“ |
| 3 |
| بيشڪ خداوند اسان جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، سو اسان کي بيحد خوشي ٿي آهي! |
| 4 |
| اي خداوند! جهڙيءَ طرح سڪل برساتي نهرون پاڻيءَ سان ڀرجي وهن ٿيون، تهڙيءَ طرح تون اسان کي وري سکيو ستابو ڪر. |
| 5 |
| شال اهي جيڪي ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي پوک پوکين ٿا، سي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندي پنهنجا فصل لڻن! |
| 6 |
| هائو، جيڪي روئندي روئندي پوکڻ لاءِ ٻج کنيو ٿا وڃن، سي پوءِ ضرور خوشيءَ جا گيت ڳائيندي گڏا کڻي موٽي ايندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/126.mp3
150
126