Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي. |
| 2 |
| اوهين جي صبح جو سوير ٿا اُٿو، ۽ رات جو دير سان ٿا سمهو، ۽ سخت پورهيو ڪري ماني ٿا کائو، سو بہ اجايو آهي: ڇو جو هو پنهنجن پيارن کي ننڊ ۾ ئي ٿو ڏئي. |
| 3 |
| ڏسو اولاد خداوند وٽان ورثو آهي: ۽ پيٽ جو ڦر هنجي طرفان انعام آهي. |
| 4 |
| جوانيءَ جا ٻار اهڙا آهن، جهڙا زوراور جي هٿ ۾ تير. |
| 5 |
| مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جي بٿي انهن سان ڀريل آهي: اهڙا ماڻهو جڏهن شهر جي دروازي تي پنهنجن دشمنن سان ڳالهائيندا، تڏهن شرمندا ڪين ٿيندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/127.mp3
150
127