×

Sindhi Bible 1962

زبور ١٢٨

1
مبارڪ آهي اهو جو خداوند کان ڊڄي ٿو ۽ سندس واٽن تي ٿو هلي.
2
تون پنهنجي هٿن جي ڪمائي کائيندين؛ تون سکي رهندين، ۽ تنهنجو ڀلو ٿيندو.
3
تنهنجي زال تنهنجي گهر جي اندر ميويدار ڊاک وانگي ٿيندي: تنهنجا ٻار تنهنجي دسترخاني جي چوڌاري زيتون جي وڻن جهڙا ٿيندا.
4
ڏسو، جو ماڻهو خداوند کان ڊڄي ٿو سو انهيءَ طرح مبارڪ ٿيندو.
5
خداوند توکي صيون منجهان برڪت ڏيندو: ۽ تون پنهنجي سڄي ڄمار يروشلم جي ڀلائي ڏسندين.
6
هائو تون پنهنجي ٻارن جا ٻار ڏسندين. اسرائيل تي سلامتي هجي.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962
:
نوٽس محفوظ ڪريو