Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن؛ |
| 2 |
| هائو، انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن: تڏهن بہ اهي مون تي غالب نہ پيا. |
| 3 |
| هارين منهنجي پٺيءَ تي هر کيڙيو؛ ۽ ڊگهيون اوڙون ڪيائون. |
| 4 |
| خداوند سچو آهي: هن بڇڙن جون نوڙيون وڍي ڇڏيون. |
| 5 |
| جيڪي صيون سان عداوت ٿا رکن، سي سڀيئي شل ڦڪا ٿي پٺ تي هٽجن. |
| 6 |
| شل اهي انهيءَ گاهہ وانگي ٿين جو کڏ تي اُڀري ٿو، ۽ وڌڻ کان اڳي سڪيو وڃي: |
| 7 |
| جنهن سان نڪي لاهياري جي مٺ ڀربي، نڪي گڏا ٻڌڻ واري جو پلوُ ڀربو. |
| 8 |
| نڪي واٽهڙو ٿا چون، تہ خداوند جي برڪت اوهان تي هجي؛ يا اسين خداوند جي نالي اوهان کي برڪت ٿا ڏيون. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/129.mp3
150
129