×

مقدس ڪلام توريت، زبور

زبور ١٢٩

1
هاڻ اي بني اسرائيل قوم! شروع کان ئي دشمنن تو کي جيئن ستايو سو ڀلي تون بيان ڪر تہ
2
”دشمنن مون کي ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو ستايو، پر تڏهن بہ اهي مون تي ڪڏهن غالب ڪين پيا.
3
ڄڻ تہ هر ڪاهڻ وارن منهنجي پٺيءَ تي پنهنجا هر ڪاهيا هئا، هائو، هر هلائي ڊگھيون ڊگھيون اوڙون ڪڍيون هئائون.
4
پر خداوند جيڪو بلڪل سچو آهي، تنهن بدڪارن جا زنجير ٽوڙي مون کي ڇڏائي ورتو.“
5
صيئون سان جيڪي عداوت رکن ٿا، شال اهي سڀ شڪست کائي خوار خراب ٿين!
6
شال هو انهيءَ گاهہ جيان ٿين جيڪو ڪوٺن تي ٿو اڀري! هائو، اهو ئي گاهہ جيڪو وڌڻ کان اڳ سڪي ٿو وڃي.
7
جنهن مان نڪي لاباري ڪندڙ جي مٺ ئي ڀرجي سگھي ٿي، ۽ نہ وري گڏا ٻڌندڙ پنهنجو پَلوءُ ڀري سگھي ٿو.
8
سو ڪو واٽهڙو بہ انهيءَ لڻندڙ کي نہ چوندو تہ ” خداوند جي تو تي برڪت هجي،“ يا وري هيئن تہ ”آءٌ تو کي خداوند جي نالي سان دعا ڏيان ٿو.“
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو