Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خداوند، تون ڪيستائين مونکي وساريندين، هميشہ لاءِ وساري ڇڏيندين ڇا؟ ڪيستائين تون پنهنجو منهن مون کان لڪائي ڇڏيندين؟ |
| 2 |
| ڪيستائين آءٌ سڄو ڏينهن پنهنجي دل ۾ غمگين ٿي، پنهنجي جيءَ ۾ خيال ڪندو رهندس؟ ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سربلند رهندو؟ |
| 3 |
| اي خداوند منهنجا خدا، مون ڏانهن نظر ڪري منهنجي ٻڌ: منهنجين اکين کي روشن ڪر، متان موت جي ننڊ اچي وڃيم. |
| 4 |
| ائين نہ ٿئي جو منهنجو دشمن چوي تہ آءٌ هن تي غالب پيو آهيان: ۽ منهنجا دشمن منهنجي لوڏي کائڻ ڪري خوش ٿين. |
| 5 |
| پر مون تنهنجي رحم تي ڀروسو رکيو آهي: منهنجي دل تنهنجيءَ نجات ۾ سرهي ٿيندي: |
| 6 |
| آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن مون سان گهڻي ڀلائي ڪئي آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/013.mp3
150
13