×

مقدس ڪلام توريت، زبور

زبور ١٣

1
ڪيستائين، اي خداوند! ڇا تون مون کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندين؟ ڪيستائين تون مون کان پنهنجو منهن موڙيو رکندين؟
2
ڪيستائين آءٌ پنهنجيءَ دل ۾ غم کائيندو وتندس؟ ڪيستائين آءٌ رات ڏينهن روح ۾ رنجيدو رهندس؟ آخر ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سوڀارو رهندو؟
3
اي خداوند ، منهنجا خدا! تون ڌيان ڏي ۽ منهنجو هي عرض ٻڌ، مون کي تندرستي عطا ڪر، متان موت جي ننڊ نہ اچي وڃي.
4
ائين نہ ٿئي جو منهنجا دشمن منهنجي لوڏي کائڻ تي خوش ٿي چون تہ ”اسين هن تي غالب پيا آهيون.“
5
مون تہ تنهنجي لافاني شفقت تي توڪل ڪئي آهي. جيڪڏهن تون مون کي ڇڏائي وٺندين تہ منهنجي دل خوش ٿيندي.
6
آءٌ پنهنجي خداوند جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان گھڻي ڀلائي ڪئي آهي.
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو