Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خداوند، دائود جي خاطر سندس سڀني ڏکن کي ياد ڪر. |
| 2 |
| تہ ڪيئن هن خداوند جو قسم کنيو، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ مڃتا مڃيائين: |
| 3 |
| تہ آءٌ پنهنجي تنبوءَ ۾ داخل ڪين ٿيندس، نڪي پنهنجي هنڌ تي سمهندس؛ |
| 4 |
| ۽ نہ پنهنجن اکين ۾ ننڊ، ۽ نڪي پنهنجن ڇپرن ۾ پنڪي اچڻ ڏيندس؛ |
| 5 |
| جيسين ڪہ خداوند جي واسطي ڪو مڪان، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ ڪو خيمو نہ ملندو. |
| 6 |
| ڏسو، افراتا ۾ اسان انهي جي خبر ٻڌي: ۽ جهنگ جي ميدان ۾ هو اسان کي مليو. |
| 7 |
| اسين هن جي خيمن ۾ وڃي، سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪنداسين. |
| 8 |
| اي خداوند اُتي پنهنجيءَ آرامگاهہ ۾ اچ؛ تون ۽ تنهنجي قدرت جي صندوق. |
| 9 |
| ڀلي تہ تنهنجا ڪاهن راستبازيءَ جي پوشاڪ ڍڪين؛ ۽ تنهنجا مقدس خوشيءَ سان پڪارين. |
| 10 |
| پنهنجي بندي دائود جي خاطر پنهنجي مسح ڪيل جي دعا منظور ڪر. |
| 11 |
| خداوند دائود سان سچائيءَ ۾ قسم کنيو آهي؛ هو انهي کان ڪين ڦرندو: تہ آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس. |
| 12 |
| جيڪڏهن تنهنجا ٻار منهنجي عهد کي مڃيندا، ۽ جيڪا شاهدي آءٌ کين سيکاريندس تنهن تي هلندا، تہ پوءِ انهن جا پٽ بہ هميشہ تائين تنهنجي تخت تي ويهندا. |
| 13 |
| ڇالاءِ جو خداوند صيون کي چونڊيو آهي؛ ۽ انهن کي پنهنجي رهڻ لاءِ پسند ڪيو اٿس. |
| 14 |
| هيءَ هميشہ جي لاءِ منهنجي آرامگاهہ آهي؛ آءٌ هتي رهندس؛ ڇو جو مون انهي کي پسند ڪيو آهي. |
| 15 |
| آءٌ هن جي رزق ۾ ججهي برڪت وجهندس؛ ۽ سندس محتاجن کي ماني کارائي ڍءُ ڪرائيندس. |
| 16 |
| آءٌ هن جي ڪاهنن کي نجات جي پوشاڪ ڍڪائيندس: ۽ سندس مقدس خوشيءَ سان پڪاريندا. |
| 17 |
| اتي آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سڱ کڙو ڪندس؛ مون پنهنجي مسح ڪيل لاءِ هڪڙو ڏيئو تيار ڪيو آهي. |
| 18 |
| آءٌ هن جي دشمنن کي شرم جي پوشاڪ ڍڪائيندس: پر هن تي سندس تاج رونق افروز ٿيندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/132.mp3
150
132