Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| ڏسو اها ڪهڙي نہ چڱي ۽ وڻندڙ ڳالهہ آهي، تہ ڀائر پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن! |
| 2 |
| اهو انهي قيمتي تيل جهڙو آهي جو هارون جي مٿي تي وڌو ويو، ۽ سندس کاڏيءَ جي وارن تان يعني هارون جي ڏاڙهيءَ تان وهي سندس ڪپڙن جي دامن تائين اچي پهتو؛ |
| 3 |
| ۽ حرمون جي ماڪ وانگي آهي جا صيون جي جبلن تي ٿي پوي: ڇو جو اتي خداوند برڪت جو يعني هميشہ جي زندگيءَ جو حڪم ڏنو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/133.mp3
150
133