×

Sindhi Bible 1962

زبور ١٣٥

1
خداوند جي تعريف ڪريو، اوهين خداوند جي نالي جي تعريف ڪريو؛ اي خداوند جا بندا اوهين خداوند جي تعريف ڪريو:
2
اوهين جي خداوند جي گهر ۾ ٿا بيهو، بلڪ اسان جي خدا جي گهر جي اڱڻ ۾ ٿا بيهو،
3
خداوند جي تعريف ڪريو؛ ڇو جو خداوند ڀلو آهي: هن نالي جي تعريف ڳايو؛ ڇو جو اها وڻندڙ آهي.
4
ڇالاءِ جو خداوند يعقوب کي پنهنجي واسطي، ۽ اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.
5
ڇو جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خداوند عظيم آهي؛ اسان جو خدا سڀني معبودن جي مٿان عظيم آهي.
6
جيڪي خداوند کي وڻيو سو سڀ هن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ اونهائين ۾ ڪيو آهي.
7
هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي.
8
هن مصر جا پهريان ڄاول ٻار ماري وڌا، انسان جا توڙي حيوان جا.
9
اي مصر، هن تو منجهہ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، نشان ۽ عجيب ڪم پڌرا ڪيا.
10
هن گهڻين قومن کي ماريو، ۽ زبردست بادشاهن کي قتل ڪيائين؛
11
امورين جي بادشاهہ صيون کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهتن کي.
12
۽ انهن جو ملڪ هن پنهنجي قوم اسرائيل کي ميراث ڪري ورثي ۾ ڏنو.
13
اي خداوند تنهنجو نالو هميشہ تائين قائم آهي؛ ۽ تنهنجي يادگيري سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي.
14
ڇو جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن بندن تي قياس ڪندو.
15
ڌارين قومن جا بت چاندي ۽ سون آهن، اهي ماڻهن جي هٿ جا جوڙيل آهن،
16
انهن کي وات آهي پر ڳالهائين نٿا؛ اکيون اٿن پر ڏسن نٿا؛
17
انهن کي ڪن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ۽ نڪي وات سان ساهہ ٿا کڻن.
18
جيڪي انهن کي جوڙين ٿا، ۽ جيڪي مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀ انهن جهڙا ٿيندا.
19
اي اسرائيل جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو: اي هارون جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو:
20
اي لاويءَ جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو: اوهين جي خداوند کان ڊڄو ٿا سي خداوند کي مبارڪ چئو.
21
خداوند جو يروشلم ۾ ٿو رهي، سو شل صيون ۾ مبارڪ هجي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962
:
نوٽس محفوظ ڪريو