|
| 1 |
|
| خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي خداوند جا بندؤ! اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، |
|
| 2 |
|
| هائو، اوهين جيڪي خداوند جي گھر جي اندر، اسان جي خدا جي بارگاهہ منجھہ حاضر رهو ٿا. |
|
| 3 |
|
| خداوند جي واکاڻ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس نالي جي ساراهہ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هو ٻاجھارو آهي. |
|
| 4 |
|
| بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي. |
|
| 5 |
|
| منهنجو اهو ايمان آهي تہ خداوند عظيم آهي، هائو، اسان جو رب سڀني معبودن کان بلند وَ بالا آهي. |
|
| 6 |
|
| آسمان ۾ توڙي زمين تي، بلڪ سمنڊ جي اونهاين ۾ تري تائين، خداوند کي جيڪي وڻي ٿو سو ئي هو ڪري ٿو. |
|
| 7 |
|
| ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو. |
|
| 8 |
|
| مصر ۾ انسانن توڙي جانورن جا جيڪي بہ پهريتا هئا، تن سڀني کي هن ئي ماري ڇڏيو. |
|
| 9 |
|
| اي مصر! تو منجھہ فرعون ۽ ان جي سڀني عملدارن تي هن ڪيڏا نہ وڏا معجزا ۽ عجيب ڪم ظاهر ڪيا. |
|
| 10 |
|
| هن گھڻين ئي قومن کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو، ۽ زورآور بادشاهن کي بہ قتل ڪري ڇڏيائين. |
|
| 11 |
|
| هائو، امورين جي بادشاهہ سيحون کي، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهن کي هن قتل ڪري ڇڏيو. |
|
| 12 |
|
| هن انهن جا ملڪ بني اسرائيل کي عطا ڪيا. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قوم کي اهي ميراث ڪري ڏنا. |
|
| 13 |
|
| خداوند جو نالو هميشہ ياد ڪيو ويندو. سندس ذڪر سڀني پيڙهين تائين ٿيندو رهندو. |
|
| 14 |
|
| انهيءَ سبب جو خداوند پنهنجي قوم جي پاسخاطري ڪري ٿو، هائو، هو پنهنجي انهن ٻانهن تي مهربان آهي. |
|
| 15 |
|
| جڏهن تہ ڌارين قومن جا معبود سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل بت آهن، جيڪي ماڻهن پنهنجي هٿن سان جوڙيا آهن. |
|
| 16 |
|
| انهن کي وات تہ آهي پر اهي ڳالهائي نہ ٿا سگھن، انهن کي اکيون بہ آهن پر اهي ڏسي نہ ٿا سگھن، |
|
| 17 |
|
| انهن کي ڪن بہ آهن پر اهي ٻڌي نہ ٿا سگھن. توڙي جو کين وات آهي، تڏهن بہ اهي ساهہ کڻي نہ ٿا سگھن. |
|
| 18 |
|
| هاڻ جيڪي انهن کي جوڙين ٿا يا مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀيئي بہ انهن جهڙا ئي ٿي پوندا. |
|
| 19 |
|
| اي بني اسرائيل! اوهين خداوند کي سڳورو چئو، اي خداوند جا ڪاهنؤ! اوهين خداوند کي سڳورو چئو. |
|
| 20 |
|
| اي لاوي ، هيڪل جا خدمتگارؤ! اوهين خداوند کي سڳورو چئو، اي خداوند جي عبادت ڪرڻ وارؤ! اوهين خداوند کي سڳورو چئو. |
|
| 21 |
|
| شال صيئون جبل تي خداوند سڳورو هجي! هائو، اهو جيڪو يروشلم ۾ رهي ٿو سو شل سڳورو هجي! خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
|
|
|
|