×

Sindhi Bible 1962

زبور ١٣٦

1
خداوند جو شڪر ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي:
2
خدائن جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:
3
خداوندن جي خداوند جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:
4
انهي جو ئي جو اڪيلو وڏا وڏا ۽ عجيب ڪم ٿو ڪري: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
5
انهي جو جنهن دانائيءَ سان آسمان جوڙيا: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
6
انهي جو جنهن زمين کي پاڻي تي پکيڙيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
7
انهي جو جنهن وڏيون روشنيون جوڙيون: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين اهي.
8
ڏينهن تي حڪومت هلائڻ لاءِ سج جوڙيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:
9
رات تي حڪومت هلائڻ لاءِ چنڊ ۽ تارا جوڙيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
10
انهي جو جنهن مصر جي پهريتن کي ماريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
11
۽ اسرائيل کي انهن منجهان ڪڍي آيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
12
هائو، پنهنجي زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
13
انهي جو جنهن ڳاڙهي سمنڊ کي چيري ٻہ ڀاڱا ڪيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
14
۽ اسرائيل کي انهي جي وچ مان پار لنگهايائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
15
پر فرعون ۽ سندس لشڪر کي ڳاڙهي سمنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
16
انهي جو جنهن بيابان ۾ پنهنجي اُمت جي رهبري ڪئي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
17
انهي جو جنهن وڏن وڏن بادشاهن کي ماريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:
18
۽ ناليرن بادشاهن کي قتل ڪيائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:
19
امورين جي بادشاهہ سيحون کي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
20
۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:
21
۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري ڏنائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:
22
يعني پنهنجي بندي اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
23
جنهن اسان جي ڏک ۾ اسان جي سار لڌي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:
24
۽ اسان جي دشمنن کان اسان کي ڇڏايائين: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
25
جو سڀني ساهہ وارن کي روزي ٿو رسائي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
26
آسمان جي خدا جو شڪر ڪريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962
:
نوٽس محفوظ ڪريو