|
| 1 |
|
| اوهين خداوند جو شڪرانو ادا ڪريو، ڇوجو اهو ڀلو آهي، ۽ انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 2 |
|
| اوهين معبودن جي معبود جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 3 |
|
| اوهين مالڪن جي مالڪ جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 4 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو اڪيلو ئي وڏا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 5 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڏاهپ سان آسمانن کي جوڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 6 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن بحرن تي ڌرتيءَ کي پکيڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 7 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن وڏا وڏا روشني ڏيندڙ سيارا جوڙيا آهن، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 8 |
|
| بيشڪ ڏينهن تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ هن سج کي جوڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 9 |
|
| رات مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ هن چنڊ تارن کي جوڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 10 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن مصر جي پهريتن کي ماري ڇڏيو هو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 11 |
|
| انهن ئي مصرين جي وچ مان هو بني اسرائيل کي ٻاهر ڪڍي آيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 12 |
|
| هائو، پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان هو کين مصر مان ڪڍي آيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 13 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڳاڙهي سمنڊ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 14 |
|
| هن بني اسرائيل کي انهيءَ جي وچان پار ٽپايو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 15 |
|
| هن فرعون کي لشڪر سوڌو ڳاڙهي سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 16 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو رڻپٽ ۾ پنهنجي قوم جو رهبر بڻيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 17 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن وڏن وڏن بادشاهن کي ماري ڇڏيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 18 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن انهن طاقتور بادشاهن کي قتل ڪري ڇڏيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 19 |
|
| بيشڪ هن سيحون کي قتل ڪيو، جيڪو امورين جو بادشاهہ هو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 20 |
|
| هن عوج کي پڻ قتل ڪيو، جيڪو بسن ملڪ جو بادشاهہ هو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 21 |
|
| انهن جا ملڪ هن پنهنجي قوم کي ميراث ڪري ڏنا، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 22 |
|
| هائو، اهي ملڪ هن پنهنجي بندن، يعني بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنا، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 23 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڏکن ۾ اسان جي سار لڌي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 24 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن اسان کي دشمنن کان ڇڏايو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 25 |
|
| انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو هر ساهواري کي روزي رسائي ٿو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
| 26 |
|
| اوهين عرش عظيم واري خدا جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. |
|
|
|
|