مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اسان بابل جي ندين جي ڪناري ويٺي ڏاڍو رنو. هائو، اسان اتي صيئون کي ياد ڪري رنو پئي. |
| 2 |
| اتي جيڪي لئي جا وڻ بيٺا هئا، تن تي اسان پنهنجيون سارنگيون لٽڪائي ڇڏيون هيون. |
| 3 |
| اتي اسان کي قيد ڪندڙن اسان کي ڳائڻ لاءِ چيو، هائو، اسان کي ستائيندڙن پنهنجي وندر لاءِ چيو تہ ”اسان کي صيئون جو ڪو راڳ ڳائي ٻڌايو.“ |
| 4 |
| ڀلا ڌارين جي انهيءَ ديس ۾ اسين خداوند جو راڳ ڪيئن ٿي ڳائي سگھياسين؟ |
| 5 |
| اي يروشلم! جيڪڏهن آءٌ تو کي وساري ويهان، تہ شال منهنجو ساڄو هٿ سارنگي وڄائڻ وڃائي ويهي! |
| 6 |
| جيڪڏهن آءٌ تو کي ياد نہ ڪريان، ۽ تو کي پنهنجي خوشيءَ کان وڌيڪ نہ سمجھان، تہ پوءِ منهنجي هيءَ زبان ڀلي منهنجي تارونءَ کي چنبڙي پوي. |
| 7 |
| اي خداوند! بني ادوم خلاف يروشلم جي تباهيءَ واري ڏينهن کي ياد ڪر، جڏهن هنن بابلي لشڪر کي چيو ٿي تہ ”انهيءَ کي ڊاهيو، بلڪ ان جون پاڙون ئي پٽي ڪڍو.“ |
| 8 |
| ٻڌو، اي بابل وارؤ! اوهين جيڪي برباد ٿيڻ تي آهيو. اهي ماڻهو سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان سان اهڙي ئي هلت ڪندا، جهڙي توهان اسان سان ڪئي هئي. |
| 9 |
| بيشڪ اهي سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان جي ٻارن کي کڻي زور سان ٽڪر تي هڻندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/137.mp3
150
137