مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند! آءٌ پوريءَ دل سان تنهنجو شڪرانو ادا ڪندس. منهنجي آڏو ڪهڙو بہ معبود هجي، تہ بہ آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ ڳائيندس. |
| 2 |
| آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس. تنهنجي دائمي ٻاجھہ ۽ سچائيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي نالي ۽ قول کي هر شيءِ کان مٿاهون ڪيو آهي. |
| 3 |
| جنهن ڏينهن مون تو کي پڪاريو تو منهنجو عرض ٻڌو، ۽ مون کي طاقت بخشي منهنجي حوصلي کي وڌايو. |
| 4 |
| اي خداوند! تنهنجا ڪيل قول ٻُڌي ڌرتيءَ جا سڀيئي بادشاهہ تنهنجو شڪرانو ادا ڪندا. |
| 5 |
| اي خداوند! تو جيڪي بہ ڪيو آهي تنهن کي اهي ڳائيندا رهندا. بيشڪ تو خداوند جي وڏي عظمت جا هو گيت پيا ڳائيندا. |
| 6 |
| توڙي جو اي خداوند! تون بلند وَ بالا آهين، تہ بہ نماڻن تي مهر جي نظر ڪرين ٿو. پر مغرور ماڻهن کي تون پري کان ئي سڃاڻي وٺين ٿو. |
| 7 |
| توڙي جو آءٌ مصيبتن مان ٿو گذران، تہ بہ تون مون کي محفوظ رکين ٿو، ۽ منهنجي دشمنن جي ڪاوڙ خلاف تون مٿن هٿ کڻين ٿو. بيشڪ تنهنجو زورآور هٿ مون کي بچائي وٺي ٿو. |
| 8 |
| اي خداوند! تون منهنجي لاءِ پنهنجو ڪيل هر قول پورو ڪندين. بيشڪ تنهنجو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. سو تون پنهنجي خلقيل بندن کي ڇڏي نہ ڏجانءِ. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/138.mp3
150
138