Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| احمق پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا آهي ئي ڪونہ. اهي خراب ٿيا آهن، انهن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي. |
| 2 |
| خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي. |
| 3 |
| اهي سڀ گمراهہ ٿيا آهن، ۽ سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن، نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي. |
| 4 |
| سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين. |
| 5 |
| اهي گهڻي ڊپ ۾ پيا: ڇو جو خدا راستبازن جي پيڙهيءَ سان آهي. |
| 6 |
| اوهين غريب جي صلاح کي لڄايو ٿا، ڇو جو خداوند هنجي پناهہ آهي. |
| 7 |
| شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت کي بند مان موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/014.mp3
150
14