مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند! مون کي بڇڙن ماڻهن کان ڇڏاءِ، بلڪ انهن ظالمن کان مون کي بچائي رک، |
| 2 |
| يعني انهن کان، جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ روز بروز فساد کڙا ڪن ٿا. |
| 3 |
| انهن جي زبان موتمار نانگ جي ڏنگ وانگر آهي، هائو، انهن جا لفظ اهڙا آهن جيئن کپر نانگ جو زهر. |
| 4 |
| اي خداوند! مون کي بڇڙن جي هٿن کان بچاءِ، بلڪ انهن ظالمن کان مون کي بچائي رک، جيڪي منهنجا پير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. |
| 5 |
| انهن مغرور ماڻهن مون لاءِ ڦندو لڪائي رکيو آهي، ۽ مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار پکيڙيو اٿائون. هائو، اهي منهنجي هر واٽ تي مون لاءِ ڦاهي اڏيو ويٺا آهن. |
| 6 |
| آءٌ تو خداوند کي پنهنجو ئي خدا چوان ٿو. سو اي خداوند! منهنجي منٿن تي پنهنجو ڪن ڏي. |
| 7 |
| اي خداوند! اي منهنجا ڌڻي! اي مون کي ڇڏائڻ واري طاقت! جيئن جنگ ۾ تو ئي منهنجي حفاظت ٿي ڪئي، |
| 8 |
| تيئن اي خداوند! هاڻ بدڪارن جون خواهشون پوريون ٿيڻ نہ ڏي، هائو، سندن انهن برن منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏ. |
| 9 |
| جيڪي پنهنجا ڳاٽ اوچا ڪري چوڌاري مون کي گھيرو ڪن ٿا، تن جا بڇڙائيءَ وارا دڙڪا شال سندن مٿان ئي پون! |
| 10 |
| شال انهن تي ڀڙڪندڙ ٽانڊا وسايا وڃن! شال کين اهڙي اونهيءَ کڏ ۾ ڪيرايو وڃي جتان وري نہ نڪرن! |
| 11 |
| شال ڪو بدزبان ماڻهو هن ڌرتيءَ تي قائم نہ رهي، شال هر ظالم ماڻهو اوچتي آفت جو شڪار ٿي وڃي. |
| 12 |
| اي خداوند! مون کي پڪ آهي تہ تون مسڪينن جي وڪالت ڪندين. هائو، تون محتاجن کي سندن حق ڏياريندين. |
| 13 |
| بيشڪ سچار ماڻهو تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪندا، ۽ تنهنجي حضور ۾ پيا رهندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/140.mp3
150
140