مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند! آءٌ بلند آواز سان تو کي فرياد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ وڏي آواز سان تو خداوند کي منٿون ٿو ڪريان. |
| 2 |
| آءٌ تنهنجي حضور ۾ پنهنجو فرياد پيش ٿو ڪريان، هائو، آءٌ تو آڏو پنهنجا ڏک بيان ڪريان ٿو، |
| 3 |
| ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ پريشان ٿيان ٿو، تڏهن تون ئي اهو ڄاڻين ٿو تہ ان وقت آءٌ ڇا ڪريان. جنهن راهہ تان آءٌ گذران ٿو، تنهن راهہ تي دشمن ڦندو اڏيو ويٺا آهن. |
| 4 |
| اتي آءٌ واجھائي ڏسان ٿو تہ ڪوبہ ويجھو ڪونهي جيڪو مون ڏانهن ڌيان ڏئي. ڪوبہ ناهي جيڪو منهنجو فڪر ڪري. هائو، مون لاءِ ڪا جاءِپناهہ ناهي. |
| 5 |
| تڏهن اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پڪاريان ٿو، ۽ چوان ٿو تہ تون ئي منهنجي جاءِپناهہ آهين، بلڪ هن دنيا ۾ تون ئي مون لاءِ سڀ ڪجھہ آهين. |
| 6 |
| جيئن تہ آءٌ ڏاڍو نااميد ٿي پيو آهيان، سو تون منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي، ۽ مون کي ستائيندڙن کان ڇڏاءِ، ڇوجو اهي مون کان وڌيڪ طاقتور آهن. |
| 7 |
| اي خداوند! تون مون کي هن ڌٻڻ مان ڪڍ، تانتہ آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪريان. تڏهن تنهنجي انهيءَ ڀلائيءَ جي نتيجي ۾ گھڻا ئي سچار اچي شڪراني ۾ مون سان شامل ٿيندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/142.mp3
150
142