مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند! منهنجي دعا ٻڌ. تون پنهنجي وفا موجب منهنجي منٿن تي ڪن ڏي. هائو، پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ورندي ڏي. |
| 2 |
| تون پنهنجي هن بندي کي پنهنجي عدالت آڏو نہ آڻج، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي آڏو ڪوبہ سچار ثابت نہ ٿو ٿئي. |
| 3 |
| دشمن مون کي ڏاڍو ستايو آهي، بلڪ منهنجي قوت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿائين. جيڪي گھڻي مدت کان مري ويا آهن، تن وانگر هن مون کي اونداهيءَ ۾ بند رکيو آهي. |
| 4 |
| تنهنڪري آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان، ۽ بيحد دلگير ٿو رهان. |
| 5 |
| تنهن هوندي بہ آءٌ قديم زماني تي نظر وجھان ٿو، ۽ تنهنجي ڪمن تي غور ويچار ڪريان ٿو. هائو، آءٌ تنهنجي عظيم ڪمن بابت سوچيان ٿو. |
| 6 |
| تڏهن آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ڊگھيريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پياسي ڌرتيءَ جيان تنهنجو سِڪايل آهيان. |
| 7 |
| اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان. |
| 8 |
| اي خداوند! منهنجو ڀروسو تو تي ئي آهي، سو هر صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجھہ عطا ڪر، ۽ جنهن واٽ تي مون کي هلڻ کپي سا مون کي ڏيکار، ڇاڪاڻ تہ منهنجي دل تو سان ئي لڳل آهي. |
| 9 |
| اي خداوند! مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پناهہ لاءِ تو وٽ ئي ڊوڙي آيو آهيان. |
| 10 |
| مون کي سيکار تہ آءٌ تنهنجي مرضيءَ تي هلان، ڇاڪاڻ تہ تون ئي منهنجو خدا آهين. بيشڪ تون ڀلو آهين، سو مون کي سڌيءَ راهہ تي هلاءِ. |
| 11 |
| اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر مون کي جيئرو رک، ۽ پنهنجي سچائيءَ موجب مون کي تڪليفن مان ڪڍ. |
| 12 |
| تون پنهنجيءَ ٻاجھہ مطابق منهنجي دشمنن کي فنا ڪر. هائو، جيڪي مون کي ڏک ٿا ڏين تن کي تون برباد ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجو ئي بندو آهيان. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/143.mp3
150
143