Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| خداوند منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي، هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ۽ منهنجن آڱرين کي وڙهڻ ٿو سيکاري. |
| 2 |
| هو مون تي ٻاجهہ ڪندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي، هو منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي: هو منهنجي ڍال آهي، انهي تي ئي منهنجو ڀروسو آهي؛ هو منهنجن ماڻهن کي منهنجي تابع ٿو ڪري. |
| 3 |
| اي خداوند انسان ڇا آهي جو تون انهي جي سار ٿو لهين؟ يا آدم زاد ڪير آهي جو تون انهي جو ليکو ٿو ڪرين؟ |
| 4 |
| انسان اجائي شيءِ آهي: هن جي حياتي پاڇي وانگر گذريو وڃي. |
| 5 |
| اي خداوند آسمانن کي جُهڪاءِ ۽ هيٺ لهي اچ: جبلن کي ڇُهہ ۽ انهن مان دونهون نڪرندو. |
| 6 |
| وڄ ڪيرائي انهن کي ڇڙوڇڙ ڪر؛ پنهنجا تير هڻي کين منجهائي ڇڏ. |
| 7 |
| مٿان پنهنجو هٿ ڊگهيري مون کي بچاءِ؛ ۽ وڏن وڏن پاڻين، يعني پرديسين جي هٿان مون کي ڇڏاءِ. |
| 8 |
| انهن جي واتان اجايون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ انهن جو ساڄو هٿ ڪوڙ جو ساڄو هٿ آهي. |
| 9 |
| اي خدا آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪڙو نئون گيت ڳائيندس: ڏهہ تارو تنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس. |
| 10 |
| اُهو ئي آهي جو بادشاهن کي نجات ٿو ڏئي: هو پنهنجي بندي دائود کي ڏکوئيندڙ ترار کان بچائي ٿو. |
| 11 |
| مون کي بچاءِ، ۽ پرديسين جي هٿان مون کي ڇڏاءِ، جن جي واتان اجايون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ انهن جو ساڄو هٿ ڪوڙ جو ساڄو هٿ آهي. |
| 12 |
| جڏهن اسان جا پٽ جوانيءَ ۾ قداور وڻن جهڙا ٿين؛ ۽ اسان جون ڌيئرون محلات جي ڪنڊن جي گهڙيل پٿرن جهڙيون ٿين؛ |
| 13 |
| جڏهن اسان جا ڀانڊا سڀ ڪنهن قسم جي شين سان ڀريل هجن، ۽ اسان جون رڍون اسان جن واڙن ۾ هزارين ۽ لکين ٻچا ڏين، |
| 14 |
| جڏهن اسان جا ڍڳا بار سان لڏيل هجن؛ ۽ نہ روڪ هجي نہ ڌڪجن، ۽ نہ ڪا گهٽين ۾ دانهن ڪوُڪ ٿئي؛ |
| 15 |
| تڏهن انهيءَ اُمت جي حالت مبارڪ آهي: هائو، مبارڪ آهي اُها اُمت جنهن جو خدا خداوند آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/144.mp3
150
144