|
| 1 |
|
| شال منهنجي محافظ خداوند جي واکاڻ هجي! جيڪو مون کي جنگ جي تربيت ڏئي ٿو. |
|
| 2 |
|
| هو مون تي ٻاجھہ ڪندڙ ۽ منهنجو ڇڏائڻ وارو آهي. هو منهنجو قلعو، بلڪ مضبوط قلعو آهي. هو ئي منهنجو بچاءُ ۽ منهنجي جاءِپناهہ آهي. هو ئي ٻين قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري. |
|
| 3 |
|
| اي خداوند! انسان ڇا آهي جو تون ان جي سار لهين؟ هائو، آدم زاد جي ڪهڙي حيثيت آهي جو تون ان بابت سوچين؟ |
|
| 4 |
|
| انسان تہ رڳو ٻاڦ مثل آهي، جنهن جي حياتي هڪ پاڇي جيان گذري وڃي ٿي. |
|
| 5 |
|
| تنهن هوندي بہ اي خداوند! آسمان کي چيري هيٺ اچي نازل ٿيءُ. تون جبلن کي ڇُهُہ تہ انهن مان دونهون نڪري، |
|
| 6 |
|
| ۽ وڄ کي پنهنجي تيرن جيان ڪيراءِ تہ ڌاريا ماڻهو ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن. |
|
| 7 |
|
| عرش تان پنهنجو هٿ ڊگھيري مون کي بچائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻوڏ جيان مون کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. هائو، انهن جي هٿن مان مون کي اچي ڇڏاءِ. |
|
| 8 |
|
| انهن جي واتان ڪوڙيون ڳالهيون نڪرن ٿيون، بلڪ هو حلف کڻڻ لاءِ هٿ مٿي ڪري ڪُوڙو قسم کڻن ٿا. |
|
| 9 |
|
| اي خدا! آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪ نئون گيت ڳائيندس، آءٌ ڏهن تارن وارو دنبورو وڄائي تنهنجي واکاڻ ڪندس. |
|
| 10 |
|
| تون جيڪو بادشاهن کي سوڀ ٿو بخشين، ۽ جنهن پنهنجي بندي دائود کي خوني تلوار کان بچايو آهي، |
|
| 11 |
|
| سو مون کي بہ انهن ڌارين دشمنن جي هٿن مان ڇڏاءِ. هائو، انهن کان جن جي واتان ڪُوڙيون ڳالهيون نڪرن ٿيون، بلڪ جيڪي حلف کڻڻ لاءِ هٿ مٿي ڪري ڪُوڙو قسم کڻن ٿا. |
|
| 12 |
|
| شال اسان جا پٽ پنهنجي جوانيءَ ۾ وڌندڙ وڻن جيان ٿين! شال اسان جون ڌيئرون انهن نقشدار ٿنڀن جيان ٿين، جيڪي هيڪل ۾ لڳل آهن! |
|
| 13 |
|
| شال اسان جا ڀانڊا هر ڪنهن شيءِ سان ڀريل رهن! شال اسان جون رڍون ٻڪريون لکن جي تعداد ۾ چرنديون وتن! |
|
| 14 |
|
| شال اسان جا ڍور ڍڳا ٿلها متارا هجن! شال اسان جي شهرن جي ڪوٽن ۾ ڪو ڏار نہ هجي، جو ڪو دشمن ٽپي اچي اسان جو ڪو ماڻهو قيد ڪري وڃي! نڪي وري اسان جي گھٽين ۾ ڪا دانهن ڪوڪ هجي. |
|
| 15 |
|
| سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن کي اهي نعمتون حاصل آهن. هائو، سڀاڳي آهي اها قوم جنهن جو معبود خداوند آهي. |
|
|
|
|