|
| 1 |
|
| اي منهنجا خدا، اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس؛ ۽ آءٌ سدائين تنهنجي نالي کي مبارڪ چوندس. |
|
| 2 |
|
| هر روز آءٌ توکي مبارڪ چوندس؛ ۽ سدائين تنهنجي نالي جي تعريف ڪندس. |
|
| 3 |
|
| خداوند عظيم آهي، ۽ گهڻيءَ تعريف جي لائق آهي؛ ۽ سندس عظمت دريافت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. |
|
| 4 |
|
| هڪڙي پيڙهيءَ جا ماڻهو ٻيءَ پيڙهيءَ کي تنهنجن ڪمن جي تعريف ٻڌائيندا، ۽ تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا. |
|
| 5 |
|
| آءٌ تنهنجي جلال واري شان ۽ شوڪت تي، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن تي غور ڪندو رهندس. |
|
| 6 |
|
| ۽ ماڻهو تنهنجي قدرت جي خوفناڪ ڪمن جو ذڪر ڪندا؛ ۽ آءٌ تنهنجي عظمت جو بيان ڪندس. |
|
| 7 |
|
| اُهي تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي يادگيري ڪندا، ۽ تنهنجي راستبازيءَ جا گيت ڳائيندا؛ |
|
| 8 |
|
| خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ ڏاڍو رحيم آهي. |
|
| 9 |
|
| خداوند سڀني سان ڀلو آهي؛ ۽ هن جو رحم سندس سڀني مخلوقن تي آهي. |
|
| 10 |
|
| اي خداوند تنهنجي سڄي مخلوق تنهنجو شڪر ڪندي؛ ۽ تنهنجا مقدس توکي مبارڪ چوندا، |
|
| 11 |
|
| اهي تنهنجيءَ بادشاهت جي جلال جو ذڪر ڪندا، ۽ تنهنجي قدرت جون ڳالهيون ڪندا؛ |
|
| 12 |
|
| تہ بني آدم تي تنهنجا قدرت جا ڪم، ۽ تنهنجي شان واريءَ بادشاهت جو جلال ظاهر ڪن. |
|
| 13 |
|
| تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي، ۽ تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم ٿي رهي. |
|
| 14 |
|
| خداوند انهن سڀني کي جيڪي ڪرن ٿا سنڀالي ٿو، ۽ جيڪي جهڪي ٿا پون تن سڀني کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري. |
|
| 15 |
|
| سڀني جون اکيون تنهنجو انتظار ٿيون ڪن؛ ۽ تون کين وقت تي کاڌو ٿو پهچائين. |
|
| 16 |
|
| تون پنهنجي مٺ ٿو کولين، ۽ هر ڪنهن جاندار جي خواهش پوري ٿو ڪرين. |
|
| 17 |
|
| خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ راستباز آهي، ۽ پنهنجين سڀني ڪمن ۾ رحيم آهي. |
|
| 18 |
|
| خداوند انهن سڀني جي ويجهو آهي جي کانئس دعا ٿا گهرن، يعني انهن سڀني کي جي سچائيءَ سان دعا ٿا گهرن. |
|
| 19 |
|
| جيڪي کانئس ڊڄن ٿا هو انهن جي مراد پوري ڪندو؛ ۽ انهن جي دعا ٻڌي کين بچائيندو. |
|
| 20 |
|
| خداوند انهن سڀني کي سنڀالي ٿو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن؛ پر سڀني بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيندو. |
|
| 21 |
|
| منهنجو وات خداوند جي تعريف جو ذڪر ڪندو؛ ڀلي تہ سڀيئي سدائين هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چون. |
|
|
|
|