|
| 1 |
|
| اي منهنجا خدا بادشاهہ! آءٌ تنهنجي تعظيم پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي کي هميشہ سڳورو چوندو رهندس. |
|
| 2 |
|
| روزانو آءٌ تو کي برڪت وارو چوندو رهندس، ۽ تنهنجي نالي جي سدائين واکاڻ ڪندو رهندس. |
|
| 3 |
|
| اي خداوند! بيشڪ تون عظيم ۽ واکاڻ جي لائق آهين، بلڪ تنهنجي عظمت سوچ کان بہ مٿاهين آهي. |
|
| 4 |
|
| هڪڙي پيڙهي ٻي پيڙهيءَ سان تنهنجي ڪمن جي تعريف پيئي ڪندي، هائو، اهي تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا رهندا. |
|
| 5 |
|
| آءٌ پڻ تنهنجي حشمت ۽ شان وَ شوڪت جو ذڪر ڪندو رهندس، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن تي غور پيو ڪندس. |
|
| 6 |
|
| بيشڪ آءٌ تنهنجي عظمت جو بيان ڪندو رهندس. هائو، تنهنجي قدرت جي هيبتناڪ ڪمن جو ذڪر ڪيو ويندو، |
|
| 7 |
|
| تنهنجي عظيم احسان جي واکاڻ پيئي ٿيندي، ۽ خوشيءَ وچان تنهنجي عدل وَ انصاف جا گيت ڳايا ويندا. |
|
| 8 |
|
| خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ دائمي ٻاجھہ وارو آهي. |
|
| 9 |
|
| خداوند سڀني تي پنهنجو ڪرم ڪري ٿو، هو پنهنجي سڄي مخلوقات تي مهربان آهي. |
|
| 10 |
|
| اي خداوند! تنهنجي سڄي مخلوقات تنهنجو شڪرانو ادا ڪندي، ۽ تنهنجا نيڪ بندا تو کي سڳورو چوندا. |
|
| 11 |
|
| اهي تنهنجي شاهي شان وَ شوڪت جو ذڪر ڪندا رهندا، ۽ تنهنجي قدرت جون ڳالهيون پيا ڪندا، |
|
| 12 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ جيئن تنهنجي قدرت جا ڪم، ۽ تنهنجي شاندار بادشاهت جو جلال بني آدم تي ظاهر ڪن. |
|
| 13 |
|
| بيشڪ تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي. هائو، تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي. اي خداوند! تنهنجا سڀيئي قول سچا آهن، ۽ تنهنجا سمورا ڪم ڀلا آهن. |
|
| 14 |
|
| اي خداوند! مشڪلاتن ۾ ڦاٿلن کي تون ئي سنڀالي ٿو وٺين، هائو، سڀني ڪرندڙن کي تون ئي اٿاري کڙو ڪرين ٿو. |
|
| 15 |
|
| سڄي جهان جون اکيون تو ڏانهن ئي واجھائين ٿيون، تون ئي انهن کي پوري وقت تي کاڌو عطا ڪرين ٿو. |
|
| 16 |
|
| تون سخاوت سان پنهنجي مٺ انهن تي کولين ٿو، ۽ هر جاندار جي خواهش پوري ڪرين ٿو. |
|
| 17 |
|
| خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ سچار آهي. هو جيڪو بہ ڪم ڪري ٿو تنهن ۾ سندس رحم شامل آهي. |
|
| 18 |
|
| خداوند انهن سڀني کي ويجھو آهي، جيڪي کانئس دعا گھرن ٿا، بشرطيڪ اهي کيس سچيءَ دل سان پڪارين. |
|
| 19 |
|
| جيڪي کانئس ڊڄندا رهن ٿا، تن جي هو مراد پوري ڪندو. هو سندن فرياد ٻڌي کين بچائي وٺندو. |
|
| 20 |
|
| خداوند انهن سڀني جي حفاظت ٿو ڪري، جيڪي کيس پيار ٿا ڪن. پر هو سڀني بڇڙن کي فنا ڪري ڇڏيندو. |
|
| 21 |
|
| آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪندو رهندس. شل هر انسان سندس پاڪ نالي کي هميشہ سڳورو چوي. |
|
|
|
|