|
| 1 |
|
| خداوند جي واکاڻ ڪريو. اسان جي خدا جي واکاڻ ڳائڻ سٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ اها ڳائڻ بيحد چڱي ۽ دلپسند آهي. |
|
| 2 |
|
| خداوند پاڻ يروشلم شهر وري اڏي ٿو. هو بني اسرائيل کي جلاوطنيءَ مان آڻي اتي گڏ ڪري ٿو. |
|
| 3 |
|
| ٽٽل دلين کي هو ئي شفا بخشي ٿو، انهن جي زخمن کي هو ئي پٽيون ٻڌي ٿو. |
|
| 4 |
|
| هو تارن جو تعداد مقرر ڪري ٿو، ۽ هر هڪ تاري تي جدا جدا نالو رکي ٿو. |
|
| 5 |
|
| اسان جو خداوند عظيم ۽ وڏيءَ قدرت وارو آهي. هن جي حڪمت جو ڪو ئي بہ ڪاٿو ناهي. |
|
| 6 |
|
| خداوند پنهنجي تابعدارن کي سربلند ڪري ٿو، پر هو بڇڙن ماڻهن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏي ٿو. |
|
| 7 |
|
| اوهين خداوند جي حضور ۾ شڪراني جا گيت ڳايو. اوهين سارنگيون وڄائيندي اسان جي خدا جي واکاڻ ڪريو. |
|
| 8 |
|
| انهيءَ سبب جو هو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، ڌرتيءَ تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٽڪرن تي گاهہ اُڀاري ٿو. |
|
| 9 |
|
| هو نہ رڳو ڪانون جي پڪاريندڙ ٻچڙن کي، بلڪ هر جانور توڙي پکيءَ کي کاڌو مهيا ڪري ٿو. |
|
| 10 |
|
| جنگي گھوڙن جي طاقت کان هو خوش ڪين ٿو ٿئي، نڪي وري جنگي جوڌن کان ئي هو متاثر ٿئي ٿو، |
|
| 11 |
|
| بلڪ خداوند انهن کان ئي خوش ٿئي ٿو جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، هائو، انهن کان جيڪي سندس دائمي رحمت ۾ اميد رکن ٿا. |
|
| 12 |
|
| اي يروشلم! خداوند جي واکاڻ ڪر، هائو، اي صيئون! پنهنجي خدا کي سڳورو چئُہ، |
|
| 13 |
|
| ڇاڪاڻ تہ هُن تنهنجي دروازن جا گز مضبوط ڪيا آهن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي برڪت عطا ڪئي اٿائين. |
|
| 14 |
|
| هو تنهنجي سرحدن ۾ امن وَ سلامتي آڻي ٿو، ۽ عمدي ڪڻڪ سان تو کي ڀرپور ڪري ٿو. |
|
| 15 |
|
| هو پنهنجا حڪم ڌرتيءَ ڏانهن موڪلي ٿو، ۽ هڪدم انهن تي عمل ٿي وڃي ٿو. |
|
| 16 |
|
| هو برف کي ڪپهہ جيان ڌرتيءَ تي ڪيرائي ٿو، ۽ پاري کي خاڪ جيان پکيڙي ڇڏي ٿو. |
|
| 17 |
|
| هو ڳڙن کي مانيءَ جي ڀورن وانگر وسائي ٿو، ۽ سندس موڪليل سرديءَ ۾ نديون بہ ڄمي برف ٿيو وڃن. |
|
| 18 |
|
| پوءِ جڏهن هو حڪم ڏئي ٿو تہ واءُ گھلڻ لڳي ٿو، برف رجي وڃي ٿي ۽ ندين جو پاڻي وري وهڻ لڳي ٿو. |
|
| 19 |
|
| هن بني يعقوب کي پنهنجو فرمان عطا ڪيو آهي، هائو، بني اسرائيل تي پنهنجا قاعدا قانون پڌرا ڪيا اٿس. |
|
| 20 |
|
| هن ٻي ڪنهن بہ قوم کي اهڙيءَ نموني پنهنجي قاعدن قانونن کان آگاهہ ڪين ڪيو آهي. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
|
|
|
|